ھنڱورجا

مورو:منٿلي نه ڏيڻ تان ھٿياربندن جي درگاھ مٿان چڙھائي، فقيرياڻي مٿان تشد،گھر کي باھ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
IMG_0041 - Copy (479x238)نوان جتوئي جي ڳوٺ عثمان خاصخيلي جي ڀرسان درگاھ پير گهمڻ جي فقيرياڻي تي ڏوهاري قسم جي ماڻهن پاران هر مهيني ڏھ هزار روپيا منٿلي نه ڏيڻ تي درگاھ تي هٿيارن جي زور تي چڙهائي ڪري فقيرياڻي مسمات سهڻي زال علي شير کوسو تي سخت تشدد ڪري کين گهر کي باھ ڏئي ڇڏي جنهن سبب گهر ۾ پيل الھ تلھ سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو جڏهن هڪ ٻڪري 4 ان جون ٻوريون پڻ باھ ۾ سڙي ويون مزاحمت ڪرڻ تي لٺين ڪهاڙين جي آزادانه استعمال ڪرڻ درگاھ تي زيارت لاءِ آيل فقير جمن شر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نوشهرفيروز جي اسپتال ۾ علاج جي لاءِ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهڙو اطلاع نوشهروفيروز پوليس کي ڏنو ويو جنهن روايتي ڪردار ادا ڪندي واعقي واري هنڌ نه پهتي هوڏانهن درگاھ جي فقيرياڻي مسمات سهڻي زال علي شير کوسو ۽ زخمي فقير جنم شر جي وارثن درگاھ جي فقيرياڻي مسمات سهڻي، علي شير، عبدالرزاق، امداد، اصغر علي، رجب علي، محمد جمن ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان مسڪين غريب پورهيت ۽ فقير آهيون هو بااثر ماڻهو آهن جيڪي اسان کي هر روز درگاھ تي اچي منٿلي گهرندا هئا ته اسان کي ڏھ هزار روپيا هر مهيني تي ڏيو هنن چيو ته اسان درگاھ تي ٻهاري ڇنڊ فوڪ ڪندڙ آهيون اسان وٽ ايترا پئسا ڪٿان آيا جيڪي انهن کي ڏيون اسان انهن کي انڪار ڪيو ته اسان مسڪين آهيون اسان وٽ ايترا پئسا نه آهن جنهن تي انهن هٿيارن جي زور تي اسان تي سخت تشدد ڪيو ۽ ڏمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن پئسا نه ڏيندو ته سگين نتيجا ڀوڳيندو جنهن تي اڄ انهن درگاھ تي اچي هٿيارن جي زور تي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ پيل سامان کي باھ ڏئي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل ڪپڙا ۡج پئسا هڪ ٻڪري ۽ 4 ان جون ٻوريون سڙي رک ٿي ويون جنهن جي شڪايت کڻي اسان ايس ايڇ او نوشهروفيروز اسد نبي کچي وٽ پهتاسين ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو پر ان اسان جو ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته توهان جنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ٿا اهي بااثر ماڻهو آهن توهان کان اهي طاقت ۾ تمام گهڻا آهن وڃي انهن کان فيصلو ڪرايو ۽ بعد ۾ اسان سيشن جج وٽ قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءِ دانهون ڪوڪون ڪيون جنهن فقيرياڻي جو ڪيس انڪوائري جي لاءِ ايڊيشنل جج وٽ موڪليو جنهن جي 2 جولاءِ رکي وئي هنن چيو ته اسان جي گهر تي حملو ڪندڙن ۾ روشن خاصخيلي، غلام خاصخيلي، اربيلو خاصخيلي، چيزل خاصخيلي، گل حسن خاصخيلي، رسولو خاصخيلي، پير بخش تارڙ، مڪن تگر، غلام نبي تگر، عمر لوڊرو ۽ ٻيا سامل آهن هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او نوشهروفيروز اسد نبي کچي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري بعد ۾ انهن کان ڳري رشوت وٺي کين آزاد ڪري ڇڏيو آهي متاثرين انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندڙ فقيرياڻي مسمات سهڻي زال علي شير کوسو چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊي آءِ جي، آءِ جي ايس ايس پي نوشهروفيروز، محتسب اعلى، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مون درگاھ جي فقيرياڻي کان انصاف ڪيو وڃي ۽ حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروئي ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي نه ته بي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي مان پنهنجي پاڻ کي باھ ڏئي ساري ڇڏينديس جنهن جي زميواري ايس ايڇ او نوشهروفيروز اسد نبي کچي ۽ ملوث ماڻهن مٿان هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button