آرٽيڪل

عظيم صوفي بزرگ جو ميلو انتظاميا جي لاپرواهي

امام علي ڀلائي
ميلا سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا رنگ اسان پنهنجي عظيم بزرگن، اوليائن ۽ غوثن وغيره جي ياد ۾ ملهائيندا آهيون. اهي ميلا بهار وانگر هر سال ايندا رهندا آهن ۽ هر سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا آهن.imam ali bhalai jamshoro artcal پر انهن جون يادون ڪڏهن به نه وسرنديون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سنڌ ڌرتي جي عظيم بزرگن جون يادون اسان جي اندر کي جنجهورين ٿيون. انهن ميلن مان هڪ ميلو سنڌ جي عظيم بزرگ قلندر لعل شهبازؒ جو عرس ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ ادبي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرائي قلندر جي آفاقي پيغام تي روشني وجهندا آهن. هي پاڪستان جو واحد ميلو آهي. جتي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين پانڌيئڙا شرڪت ڪندا آهن. هن ميلي ۾ پاڪستان کان علاوه ڀارت ۽ ايران جا پانڌيئڙا به ايندا آهن.
هي ميلو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، هن ميلي کي بين الاقوامي طور سڃاڻپ يا الڳ حيثيت حاصل آهي. جيڪا پاڪستان جي ٻئي ڪنهن ميلي کي ناهي.
ميلي ۾ عورتن لاءِ ميڪ اپ، چوڙين ۽ سينگار ۽ ٻارڙن جي لاءِ ميلي جي هر تي رانديڪن جا دڪان پڻ هوندا آهن ۽ مردن لاءِ وري راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي. جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا فنڪار سر وکيريندا آهن ۽ مزاحيه اداڪار ماڻهن کي کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجھي ڇڏيندا آهن. ميلي ۾ گھمڻ لاءِ چڙيا گھر لڳايو ويندو آهي جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا جانور جهڙوڪ نانگ، بلائون ۽ ٻيا جانور هوندا آهن. ان کان علاوه موت جو کوهه، سرڪس ۽ ريل گاڏي جو سرگس ٻيا فيسٽيول به لڳايا ويندا آهن
ميلي ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو به ٿيندو آهي. جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا مشهور پهلوان شريڪ ٿيندا آهن ۽ پنهنجو زور آزمائيندا آهن. پهلوانن تي هڪ هزار کان وٺي هڪ لک تائين شرطون لڳنديون آهن. ملاکڙي کان علاوه اٺن ۽ گھوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا پڻ ٿيندا آهن ۽ انهن تي پڻ شرطون لڳنديون آهن
ميلو سيوهڻ جي رهاڪن لاءِ ڪمائي جو ذريعو هوندو آهي جڏهن ميلو لڳندو آهي ته تقريبن هڪ ٻه هفتا اڳ ماڻهو پنهنجون جڳهون خالي ڪري مٽ مائٽن ۾ ڪنهن ٻي هنڌ هليا ويندا آهن. ۽ اهي جڳهون مسواڙ تي ميلي جي پانڌيئڙن کي ڏئي ويندا آهن. جڳهن جا مالڪ پانڌيئڙن جي مجبوري ما فائدو وٺي انهن کان تمام گھڻي مسواڙ وصول ڪندا آهن. ميلي ۾ فقيرن جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي بس شل نه ڪنهن کي هڪ رپيو ڏجي ته ڏهه، ٻارنهن فقير الائي ڪٿان پهچي ويندا ۽ جان ئي ڪون ڇڏيندا
ميلي ۾ پوليس جون من مانيون به وڌيو وڃن ٿيون. عام ماڻهن کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ، لٺيو هڻڻ، دوڪاندارن کان ڀتو گھرڻ وغيره پوليس وارن جا شاندار ڪم هوندا آهن. ان کان علاوه پوليس حفاظتي انتظامن تي به ڪا خاص توجهه نه ڏيندي آهي. ميلي ۾ ٽرئفڪ جو نظام درهم برهم هوندو آهي ٽرئفڪ لاءِ ڪا حڪمت عملي ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي ته ڪهڙيون گاڏيون ڪهڙي رستي کان شهر اندر وڃن، ڪهڙيون نه وڃن ۽ ڪهڙيون ڪهڙي پاسي بيهارجن. ٽرئفڪ جام ٿيڻ جي ڪري ماڻهن جو تمام گھڻو وقت ضايع ٿيندو آهي ۽ حادثن جا واقعا معمول بڻيل هوندا آهن
هن ميلي ۾ کيسا ڪٽڻ وارا (لليچا) ايترا ته چالاڪ هوندا آهن جيڪي توهان کي ٻئي ڪنهن ميلي ۾ نظر نه ايندا. لليچا ايترا ته چالاڪي سان کيسا ڪٽيندا آهن جو ماڻهو کي خبر ئي نه ٿي پوي. ماڻهو کي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن هو ڪا شئيءَ وٺڻ جي لاءِ کيسي کي هٿ لڳائي ٿو. ان سڄي حرڪت ۾ وڏو هٿ پوليس جو به هوندو آهي جيڪي لليچن کي همٿائي انهن کان ڪجھ ڏنڊ پٽ وٺي ڪري انهن کي مڪمل اجازت ڏيندا آهن
ميلي دوران پاڻي جي سخت کوٽ کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي. ان کان علاوه صفائي جي لاءِ به ڪي جوڳا انتظام نه ورتا ويندا آهن. هر طرف گندگي جا ڍير نظر ايندا آهن. تنهن ڪري زيارتين کي تمام گھڻي تڪليف کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. انتظاميه کي گھرجي ته هو صفائي جو وڌ کان وڌ خيال رکن. انتظاميه سان گڏو گڏ اها ذميواري زائرين ۽ شهرين تي به لاڳو ٿئي ٿي. لعل شهباز قلندر جا عقيدتمند ميلي ۾ پنهنجي من جون مرادون کڻي سيوهڻ شريف پهچي ويندا آهن. قلندر جي درگاهه تي رکيل نذراني وارين پيتين جي حفاضت لاءِ بيٺل اوقاف کاتي جا ملازم درگاهه تي آيل زائرين آڏو وڏي واڪي چوندا آهن ته ” قلندر سائين جي مراد ڏيو، دل جو اميدون حاصل ڪرايو“ جهڙن نعرن وسيلي زيارئين کي لٽيو ويندو آهي. درگاهه جي نذراني وارين پيتين بجاءَ اهي پئسا اوقاف کاتي جي عملدارن جي کيسي ۾ وڃن ٿا
بابا ڏهن رپين ۾ ڪهڙي مراد پوري ٿيندي، هزارا رپيا آهي مراد جو، جلدي ڪريو دير ڇو ٿا ڪريو، ايترو پيو سوچين، قلندر جي نگري ۾ سوچبو ناهي. اهڙن جملن تي قلندر جا عقيدتمند هزارين رپيا لٽائي ڇڏيندا آهن. ايئن عملدار پنهنجي زبان جي چالاڪي سان پئسا کسيندا آهن. حضرت لعل سائين تي عقيدت وچان زيارتي پڙ چاڙهيندا آهن. اهي پڙ اتي جو اتي درگاهه تي مقرر ملازم ٻين زيارئين کي وڪرو ڪندا آهن
درگاهه جي فقيرن ۾ ڪجهه اهڙيون نياڻيو موجود آهن جيڪي درگاهه تي ايندڙ زائرين جي هٿ ۾ ڳاڙهو ڌاڳو ٻڌي پيسا وٺن ٿيون پوءِ ڪجهه ماڻهو 20 روپيه ڏين ته ڪجهه 100 روپيه اهڙي ماحول کي ڏسي زائرين پريشان ٿي وڃن ٿا
ميلي ۾ شريڪ ماڻهو قافلن جي صورت ۾ ڌمال وڄائيندا بلي بلي سخي لال قلندر مست جا نعرا هڻندا درگاهه ۾ ايندا آهن. ميلي ۾ سيوهڻ جو گھٽيون ڪنوار وانگر سينگاريون وينديون آهن. ميلي دوران بودلي بهار جي درگاهه کي به سينگاريو ويندو آهي ۽ بودلي فقير جي درگاهه ۾ به تمام گھڻي رش ٿيندي آهي. بودلي جي نالي چيو ويندو آهي ته اهو قلندر جو سڀ کان پيارو ۽ ويجھو طالب هو. قلندر جي ميلي ۾ جنهن به رستي کان پانڌيئڙا ايندا آهن. انهن رستن تي قائم پوليس چوڪين تي نذرانو ڏيڻو پوي ٿو پوليس في گاڏي کان پنج سئو کان هزار روپيا وٺي پوءِ درگاهه تي وڃِڻ جي اجازت ڏيندي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button