آرٽيڪل

شهيد راڻي بهادري جو اعلى مثال هئي…

سنڌ ڌرتي جي ڄائي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن جي حوالي سان….
وحيد رزاق مستوئي، مورو
سنڌ جي مردم خيز مٽي اهڙين عظيم، اڏول ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شاندار ڪردار ۽ عمل وسيلي دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري آهي. اهڙن عظيم ڪردارن جي ڪري 5000 سالن واري تاريخ، تهذيب، تمدن جي وارثن ڌرتي ڌڻين جو سدائين ڳاٽ اونچو رهيو آهي. اهڙن امر ڪردارن ۾ سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نالو مُهڙ جي شخصيتن ۾ شامل آهي. هن 21 جون 1953 ۾ ڪراچي شهر ۾ ڀٽي خاندان جي گهر ۾ جنم ورتو هو. وحيد رزاق مستوئيقدرت کانسواءِ ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هيءَ سنڌ ڄائي نياڻي هڪ ڏينهن عالمي سياسي مفڪرن ۽ اڳواڻن ۾ هڪ منفرد حيثيت ماڻيندي. هوءَ بهادري جو اعلى مثال هئي. هوء عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي هئي. هن جو ويساهه سدائين عوام ۽ جمهيوريت ۾ رهيو ۽ ان ئي جمهوريت جي راهه تي هلندي شهادت ماڻي امر ٿي وئي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي 7 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هو عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي. ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. بينظير ڀٽو، شهيد: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا، پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين سان هو. جڏهن ته سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان شهر سان هو بينظير سندن وڏور ڌيءَ هئي. هي پاڻ ۾ چار ڀائر ڀيڻون هئا، جن مان هاڻي صرف هڪ ڀيڻ صنم ڀٽو حيات آهي. بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام حسين عورت هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي ان سان ٿيو جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.آصف علي زرادري هن وقت سابق صدر ۽ پارٽي جو ڪو چيئرمين جي حيثيت سان پارٽي کي هلائي رهيو آهي، کيس ٽي ٻار هڪ پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻه نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري آهن. شهيد راڻي ڪيترائي ڀيرا صدما سٺا ۽ جلا وطني پڻ ڪاٽي، مونکي چڱيءَ ريت ياد آهي ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو دبئيءَ ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ جڏهن 18 آڪٽومبر 2007ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ واپس آئي ته ڪراچي ۾ پوري سنڌ جا ماڻهو سندس استقبال جي لاءِ پهتل هئا جڏهن ته سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. ۽ جڏهن شهيد راڻي ائيرپورٽ تي لٿي ته ڌرتي تي قدم رکندي ئي لڙڪ نه روڪي سگهي ۽ خدا جي نيري آسمان ڏانهن نهاريندي هٿڙا کڻي شڪريو ادا ڪندي خوشيءَ محسوس ڪئي ۽ سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 179 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. جڏهن ڏسو 18 آڪٽومبر بينظير کي مارڻ جي ان سازش ۾ سندس دشمن ڪامياب نه ٿيا. هن جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه آئي ۽ هر هنڌ وڃڻ جي لاءِ تيار رهي ۽ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ وستي وستي واهڻ واهڻ وڃي پنهنجي غريب پورهيت مزدور عوام سان ملندي رهي ۽ ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪندي هن سمورن خطرن جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ۽ جلسا ڪيا. جڏهن ته مورو پڻ ڌيرڻ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پراڻي جهوني سياستدان رئيس چاچو رحمت الله خان بهڻ ۽ پ پ ضلعي نوشهروفيروز جي سيڪريٽري جنرل رئيس ذوالفقار علي بهڻ رئيس ڪامران علي بهڻ وٽ بهڻ هائوس تي شام جي وقت پهتي جتي محترمه ڪجھ وقت تائين ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ ميڊيا جي ڪجھ پهتل صحافين جن ۾ سنڌ ٽي وي نيوز رپورٽر رزاق مستوئي، مهراڻ ٽي وي رپورٽر اختر لغاري ۽ مان وحيد رزاق مستوئي شامل هئس اسان جي پهچڻ تي محترمه ويندي اڌ رستي تان واپس موٽي اچي انٽوريو ڏنو جيڪو شايد آخري هيو هر طرف ايتري ته عوام هئي جنهن جي دل ۾ محترمه جو پيار محبت هئي جيڪا انهن کي ڇڪي اچي اتي بيهاريو هجي بعد ۾ ڪجھ هڪ اڌ جلسو ڪيو ۽ 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جلسي تان واپسيءَ مهل عوام جي زبردست محبتن ۽ نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته هڪ ڀيرو وري مٿس گوليون وسايون ويون ۽ بم ڌماڪا ڪيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي. اهو نه صرف سنڌ جو، پر پاڪستان جو انتهائي وڏو نقصان آهي، جنهن جو پورائو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهي. سموري دنيا ۽ پاڪستان سندس ڏک محسوس ڪيو، پر سنڌ جي ماڻهن ان کي بنهه ذاتي ڏک سمجهي، لڙڪ لاڙيا ۽ سخت احتجاج ڪيو. سندس شهادت، سنڌ ۾ نئون ادب، شاعري ۽ نئون ولولو پيدا ڪيو. هو کيس ”مارئي ملير جي“، ”سنڌ راڻي“ ۽ ”شهيد راڻي“ جهڙن نالن سان پڪاريو ويو ۽ سنڌي ٽي وي چيئنلن تي ڊاڪومينٽريز اسٽوريز هلايون ويون ان ۾ سنڌ ٽي وي نيوز پڻ پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪيو جنهن جي سڏيل نالن سان اڄ سنڌ پاڪستان جو عوام ياد ڪن ٿا. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شهيد راڻي محترمه بينظير صاحبه جي خداداد ذهانت ۽ سياسي بصيرت جو سڄي دنيا اعتراف ڪيو آهي. منهنجي مطالعي طور هن پنهنجي اقتدار دؤران ۽ اقتدار کان پوءِ ڪيترين ئي مصيبتن جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو وزارت عظميٰ’’ دوران مٿس ڪيترائي الزام هنيا ويا، پر وقت جون حڪومتون اهي ثابت ڪري نه سگهيون. والد بزرگوار جي شهادت، ٻن ڀائرن جي شهادت، والده جي مسلسل بيماري، قيد ۽ نظربندي ۽ خاوند جي مختلف الزامن تحت مسلسل نظربندي ۽ گرفتاري وغيره، پر پوءِ به سنڌ جي هن عظيم نياڻيءَ پنهنجو حوصلو نه هاريو ۽ پرڏيهه ۾ رهي پنهنجي پارٽيءَ جي قيادت ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آتم ڪهاڻي ’ڊاٽر آف دي ايسٽ‘ نالي سان لکي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مراد علي مرزا ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. ساڳئي ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو سجاد بخاريءَ ”مشرق ڪِي بيٽِي“ جي نالي سان ڪيو آهي ان کان سواءِ سندس ٻي تصنيف “PAKISTAN: THE GATHERING STORM” نالي سان شايع ٿي چڪي آهي. سندس آخري ڪتاب RECONCILIATION: ISLAM AND THE WEST پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، جنهن جو نالو آهي ”سرچاءُ“ آهي هي ڪتاب حسين بادشاھ ترجمو ڪيو آهي.27 ڊسمبر 2007ع پاڪستان جي رتاريخ جو سياھ ترين ڏينهن هو، جڏهن لياقت باغ راولپنڊيءَ ۾ محترمه بينظير ڀٽو تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس شهيد ڪيو ويو کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ سندن اباڻي قبرستان ۾ پنهنجي شهيد والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڀائرن مير مرتضى خان ڀٽو مير شاهنواز کان ڀٽو جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس ابدي آرام گاهه آهي. جتي هر سال سندن ورسيءَ تي هزارين ماڻهو اچي کين ڀيٽا ڏيندا آهن شهيد راڻي بينظير ڀٽو جنهن سان هر خاندان ۽ هر عام ماڻهو مسڪين غريب مزدور پورهيت هاري ناري جو دلي چاھ ۽ واسطو هو ۽ آهي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو رڳو هڪ شخصيت نه پر فڪر جي تحريڪ هئي جنهن فڪري تحريڪ ۾ ماڻهو مرڻو ناهي پر هر هر جنم وٺي ورڻو ضرور آهي. ڪڏهن هيمون ڪالاڻي، ڪڏهن هوشو ته ڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ته ڪڏهن خود بينظير ڀٽو جي روپ ۾، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 61 هين سالگرهه 21 جون تي آهي جنهن جي سالگرھ جي موقعي تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت سندس پوئلڳن اعلان ڪيو آهي ته سندس محترمه جي سالگرھ واري ڏينهن تي رت جا عطيا ڏيئي شاندار ڀيٽا ڏني ويندي ۽ شيخ اياز جي ان سٽن کي ساڀيا ڏيئي
رهيا آهن جنهن ۾ شيخ اياز چيو آهي ته؛
اي سنڌو! توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن لڙڪ ڦڙا، ڪنهن ماڪ ڦڙا،
جن توکي پنهنجو رت ڏنو سي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا.
محترمه شهيد راڻي جي لاءِ هي لفظ چوان ته هن جي زندگي جدوجهد جو سڏ هئي ۽ موت انقلاب جو سڏ آهي ته ان جو ڪوبه وڌاءُ نه هوندو. شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو جي هزارين خصوصيتن مان به هڪ خصوصيت هئي جو هوءَ بهادر نياڻي هئي شهيد راڻي جي اندر ۾ هڪ عوام جي محبت جو روح هيو جيڪو هميشھ لاءِ ان کي ستائيندو رهنو هيو جنهن پاڻ به چيو ته منهنجو عوام ۽ ڌرتي مون کي سڏي رهيا آهن آئون جيئڻ به پنهنجي وطن ۾ ٿي چاهيان ته مرڻ به پنهنجي وطن ۾ ٿي چاهيان. اهو ڪيڏو نه الميو آهي جو منهنجي بابا منهنجي ڀائرن ۽ منهنجي پارٽي جي سوين ڪارڪنن جن وطن کي رت ڏيئي ۽ ٽٽڻ کان بچايو آهي ۽ هاڻي به قربانين وارو تسلسل برقرار آهي ان ئي وطن جا دروازا اسان لاءِ بند ڪيا ويا آهن. اسان جڏهن به عوام ۽ وطن جي ڳالهه ڪئي ته وطن ۽ جمهوريت دشمنن اسان کي اذيتون ڏنيون آهن اڄوڪي ڏينهن تي اسان سڀ هن عظيم نياڻي کي خراج عقيدت پيش ڪيون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کان مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهيد ڪندڙ هٿن کي ظاهر ڪري کين سزا ڏني وڃي ۽ ڪروڙين عوام کي گمراھ ٿيڻ کان هٽائي حقيقت طرف گازمن ڪيو وڃي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button