مختصر خبرون

خيرپور ۾ پاڻي جي وارا بندي جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،خيرپور
ايگزيڪيٽوِ انجنيئر آبپاشي کاتو خيرپور ايسٽ ڊويزن ڄاڻايو آهي ته سنڌو ندي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ۽ ايسٽ ڊويزن خيرپور کي پاڻي جي گهٽ فراهمي جي ڪري ايسٽ ڊويزن جي مختلف واهن جي وارا بندي جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب گروپ ون ۾ شامل خان واهه، صدا رنگ واهه، بلاول واهه مجموعي طور تي 106.73 ڪيوسڪ پاڻي جي گنجائش رکندڙ واهه 30 جون 2014 صبح جو 6 وڳي کان 7 جولاءِ 2014 جي صبح 6 وڳي تائين بند رهندا جڏهن ته گروپ ٽو ۾ شامل سون واهه، سانوري مائينر، ڌيڌاڻو مائينر، سنيسا مائينر ڌُڪڙ مائينر ، جوڻا مائينر مجموعي طور تي 104.12 ڪيوسڪ پاڻي جي گنجائش رکندڙ ڄاڻايل واهه 7 جولاءِ 2014 شام جو 6 وڳي کان 14 جولاءِ 2014 شام جو 6 وڳي تائين بند رهندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button