مختصر خبرون

خيرپور: پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو، هڪ هٿياربند مارجي ويو

خيرپور (انّا) پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو، هڪ هٿياربند مارجي ويو، ٻه مغوي بازياب، ٻه جوابدار هٿيارن سميت گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو. تفصيل مطابق خيرپور جي ڪچي جي ٿاڻي برادي جتوئي جي حد ڳوٺ الهورائيو شيخ ڀرسان برادي جتوئي ٿاڻي جي پوليس يرغمالين جي منتقلي جي اطلاع تي هٿياربندن جو گهيرو ڪري ورتو. هٿياربندن پوليس کي ڏسي پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جو پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند لعلو عرف لعل بخش خروس مارجي ويو جڏهن ته هٿياربندن مان پوليس ٻن هٿياربندن امان الله خروس ۽ شهزادو جتوئي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ڇهن کان وڌيڪ هٿياربند ٻن مغوين ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ ميمڻ ۽ مٺل دايو کي ڇڏي فرار ٿي ويا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button