مختصر خبرون

خيرپور: پوليس بجلي چوري جي ٻن ڪيسن جا چالان عدالت ۾ پيش

خيرپور (انّا) خيرپور پوليس بجلي چوري جي ٻن ڪيسن جا چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ٻن جوابدارن ضمانت ڪرائي ورتي، پنج ڄڻا روپوش قرار، عدالت مان گرفتاري وارنٽ جاري. تفصيل مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس بجلي چوري جي الزامن هيٺ داخل ٿيل ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۾ جاچ مڪمل ڪري ڪيسن جو چالان سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ مس ثمينه منگي جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ۾ ڪيسن جي چالان دوران پوليس ڄاڻائيو آهي ته جوابدار بچل شاهه محله جي رهواسي احسان علي ولد علي حسن جماڻي ۽ ٽپالي گهٽي جي رهواسي محمد فهيم ولد عبدالقادر منگي پنهنجي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪرائي ورتي آهي. جڏهن ته ٻي ڪيس ۾ جوابدار ڳوٺ ماکاڻي ڌاريجه جا رهواسي ڌاريجه برادري جا رجب ولد محمد خان، محمد ياسين ولد صوفن، محمد پريل ولد الهجڙيو، هزار خان ولد بنگل خان ۽ الهڏنو ولد عيدن ڌاريجو روپوش آهن. روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالت مان سندن گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button