آرٽيڪل

ڄامشورو ۽ ملير نالي ماتر شهر افغانين جي آبادڪاري

امام علي ڀلائي
Bhalaiڄامشورو هڪ ضلعي جي حيثيت رکي ٿو پر ڄامشورو مين شهر جتي جي آبادي هاڻ 2 لک کان مٿي آهي پهرين ڄامشورو ڪوٽڙي سان لاڳاپيل هوندو هو ته ڄامشوري ضلعي انتظاميان جو آفيسون ڪوٽري ۾ هونديون هون هاڻ ڄامشورو ڪوٽري جيتري آبادي رکي ٿو ، پر ڄامشوري شهر ۾ ڪا انتظاميان آفيس موجود ناهي جي آفيسون موجود آهن ته سياسي تنظيمن جون آهن اهڙو مثال هن ريت بيان ڪجي ٿو ..
جڏهن دادو ضلعي کي ٽوڙي قائم ڪيل ڄامشوري ضلعي کي قائم ٿيندي، ڏهه سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي، ڄامشورو ضلعو 13 نومبر 2004ع تي قائم ڪيو ويو، سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ختم ڪيل عمرڪوٽ ضلعي جي حيثيت بحال ڪندي قمبر، ڪشمور ۽ ڄامشورو ضلعا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڄامشورو کي دادو ضلعي کان ٽوڙي نئون ضلعو بنايو ويو پر ڄامشوري ضلعي ۾ اونڌو راج پيو هلي ڄامشوري شهر ۾ نه ضلعي انتظاميا جي آفيس آهي نه ڪا سار سنبال ڄامشورو نالي جو ضلعو سڏيو وڃي ٿو هتان جا چونڊيل نمائيندا پنهنجا ووٽ وٺي هن ضلعي ڪا سار سنڀال نه ٿا لهن ڄامشورو ضلعو . قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي هن ضلعي جا رهواسي اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم ٿيل آهن. هڪ پاسي ترقي وارا خواب اڌورا رهجي ويا آهن ته ٻئي پاسي هتان جي بااثر ماڻهن ضلعي جي ڪروڙين هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي مبينا طور تي قبضا ڪري پلاٽنگ اسڪيم جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڄامشوري ضلعي جي ديهه سون ولهار ۽ ديهه موڙهو جبل جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين سون جي کاڻ بڻجي وئي آهي. ڄامشوري ضلعي جي مختلف علائقن ٻولهاڙي، ڪڻڪ گدامن، گتا مل، ڄامشورو ڦاٽڪ، ايل ايم سي، ڄامشورو پاور هائوس، پٽارو لڳ هلندڙ اسڪيمن ۽ ڪوٽڙي، ڄامشوري جي مقامي رهواسين، پلاٽن جي 10 سيڪڙو خريداري مَس ڪئي هئي، پر اهڙين اسڪيمن ۾ وڏي پئماني تي سوات، ڪوئيٽا ۽ افغانستان مان آيل افغاني پٺاڻن پلاٽ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي خدا جي بستي،خورشيد ڪالوني، ٻٻر چوڪ، گتا ميل، سعيدآباد،پاور هائوس ،خانوٺ سيوهڻ ، ڄامشورو المنظر وٽ افغان پٺاڻن جون ڪالونيون آباد ٿي ويون آهن، جتي هزارن جي تعداد ۾ افغاني رهن ٿا، هتي اچي آباد ٿيل انهن ماڻهن هڪ پاسي نادرا جي عملدارن کي 10،000 رشوت ڏئي شناختي ڪارڊ پڻ حاصل ڪري ورتا آهن ته ٻئي طرف وڏي پئماني تي ريتي بجري جي دِڪن تي مزدوري ڪرڻ سان گڏ ريتي بجري کڻڻ جو ڪم پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ هي علائقو هاڻي ڄڻ ته افغانين جو ڳڙهه بڻجندو پيو وڃي
اسان جي ملير جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اتي سنڌي آبادي ته گهڻي آهي پر ڪم ساڳيو ڄامشوري ضلعي وارو آهي ملير ضلعي ۾ انتظاميا جي هر آفيس موجود آهي پر آفيسيون ان جڳهه تي موجود آهن جتي افغانين پٽاڻن جو ڳڙهه بڻجي چڪي آهي جيڪي حالت ڄامشوري سان آهي اها ئي ملير سان آهي وري ڪجهه مثال ڪوٽڙي تعلقي جو آهي .
ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان خورشيد چوڪ تائين روڊ کي سهراب ڳوٺ جهڙو علائقو بڻايو ويو آهي. افغانين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪجهه گروهه پڻ سرگرم آهن، جيڪي ايندڙ پٺاڻن کي پهريون مسواڙ تي گهر وٺي ڏين ٿا ۽ پوءِ انهن جا هتان جا رهائشي سرٽيفڪيٽ پڻ ٺهرائين ٿا ۽ پوءِ نادرا جي ڪجهه عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري انهن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائين ٿا، بعد ۾ هو هنن کي هتي ڪاروبار ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا.
هوڏانهن ڄامشوري شهر ۾ رڳو سنڌي رهندا هئا هاڻ اتي رڳو افغاني پٺاڻ رهن ٿا وري
” ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان خورشيد ڪالوني تائين سفر ڪبو ته بلڪل اوهان کي اهو علائقو ڪراچي جي سهراب ڳوٺ جهڙو منظر پيش ڪري ٿو، جتي روڊن جي ٻنهي پاسن کان ريتي ۽ بجري سان ڀريل توڙي خالي ٽرڪون ۽ ٻيون گاڏيون ائين بيٺل هجن ٿيون، جيئن سهراب ڳوٺ ۾ بيٺل هوندين آهن. هن علائقي ۾ به هاڻي ريتي بجري کان ويندي هر ننڍو وڏو ڪاروبار ملڪ جي اترئين علائقن ۽ ڪي پي ڪي مان خاص حالتن ۾ لڏپلاڻ ڪري آيل پٺاڻن اچي سنڀاليو آهي. ڏينهن جو ٽرئفڪ ايتري ته جام هجي ٿي، جو گاڏيون ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺل رهن ٿيون، نه ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪو نظام آهي نه ئي وري اوچتو ئي اوچتو ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري ۽ انهن جي وڇايل ڪاروباري ڄار تي نظر رکڻ جو ڪو انتظامي اختيار نظر اچي ٿو.
اهي ڌاريا ماڻهو هتي جي مقامي آباديءَ تي به حاوي ٿيندي نظر اچن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعليٰ جي حڪم تي حيدرآباد جيان جڏهن ڪوٽڙي ۾ غيرقانوني طور ترسيل انهن ماڻهن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي هئي ۽ سائيٽ پوليس ڇاپا هڻي، جڏهن 11 کان وڌيڪ افغاني پٺاڻن کي گرفتار ڪيو هو ته ٻن ڪلاڪن اندر ئي پوليس کين آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي هئي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ماڻهن جي پٺڀرائي ڪندڙ ڪيترو مضبوط آهن.
هوڏانهن وري مانجهد روڊ ۾ ائين ئي ڏسڻ ۾ پيو اچي انتظاميا هٿ وٺي ڪجهه روپين جي لاچ جي ڪري ڄامشوري ضلعي ۽ ملير سان هٿ وٺي ماحول کي مهمان قرار ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي ويندي آهي . ڄامشورو انڊس پهاڙي جيڪا پٽاڻن جو ضلعي ۾ مين مرڪز آهي انڊس پهاڙي تي سن کان 17 ڪلو ميٽر اڳيان آهي اهو انڊس بائي پاس سڏيو وڃي ٿو انڊس پهاڙي مين روڊ کان 63 ڪلو ميٽر اندر آهي ۽ وڏي ڳالهه اهيا آهي جو انڊس جي اندرين رستي کان ويندي رڳو جبلن جون لاهيون آهن گهڻي قدر حادثا ٿيو پون پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي. ڄامشورو انڊس جي پهاڙي ۾ رڳو ڪوئلي جو ڪم هلي ٿو ڪوئلي جون هزارين جڳهون موجود آهن ۽ ان علائقي جي مالڪي پٽاڻ ٿا ڪن ۽ اهي پٽاڻ هتان ڄامشوري جي پيپلز سرڪار ۽ پاڳاري گروپ سان گهڻي قدر تعلق رکن ٿا.
ڪوٽڙي جي خورشيد ڪالوني ۽ خدا جي بستي وارن علائقن ۾ ايندڙ افغاني پٺاڻن کي ڪو به روڪڻ وارو نه آهي، نه ئي وري سندن مانيٽرنگ ڪئي وڃي ٿي. هتان جا مقامي ايجنٽ پئسو ڪمائڻ جي لالچ ۾ افغانين کي آباد ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪن ٿا ۽ انهن جي هر قسم جي مدد ڪن ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت جي ڪيل اعلان تي سائيٽ پوليس ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي ڪيترن ئي افغاني پٺاڻن کي گرفتار ڪيو هو، پر حيرت جي ڳالهه اها هئي ته انهن افغانين کي پوليس رات پيٽ ۾ ئي ڇڏي ڏنو. خبر ناهي ته ان جي پٺيان ڪهڙا مقصد آهن، جو پوليس انهن ڌارين جي لوڌ کي ڪجهه چوڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
هتان جي ساڃاهه وندن کي ان ڳالهه جو خدشو آهي ته جهڙي منظم انداز سان افغانين کي هتي آباد ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، ان مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي؟ ساڃاهه وند، جيڪي سنڌ اندر طالبانائيزيشن ۽ وڌندڙ انتهاپسندي کي سنڌ خلاف سازش سمجهن ٿا، انهن جو خيال آهي ته افغانين جي مسلسل هن علائقي ۾ آبادڪاري سنڌ جي سياسي توڙي معاشرتي مفاد ۾ قطعي به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته مشڪوڪ ماڻهن جي آبادي وڌڻ سان، هن علائقي ۾ ڏوهن ۾ به اضافو ٿئي ٿو، ان ڪري ضلعي انتظاميا کي ساڃاهه وندن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي غير قانوني طور هتي اچي آباد ٿيندڙ مشڪوڪ ماڻهن جي سرگرمين تي نظر رکڻ گهرجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button