ھنڱورجا

گڏيجي: پوليس اھلڪار جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا، وارثن جو احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Women protesting (627x394)گڏيجي ۾ 17 ڏينهن اڳ هٿياربندن پاران گهر ۾ گهڙي پوليس اهلڪار محبوب علي سهتو کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي راڻيپور پوليس اڃان تائين گرفتار ڪري نه سگهي آهي. جنهن جي ڪري پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار سرعام آزاد گهمي رهيا آهن. جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ شهيد پوليس اهلڪار جي وارث عورتن ڪنيز فاطمه، منور خاتون، مهناز خاتون، ڪائنات سهتو، امه فروا، فاتح حسين سهتو جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين الزام لڳايو ته پوليس اهلڪار محبوب سهتو جي قتل ۾ ملوث شاهاڻي برادري جي محبت علي ، علي نواز ۽ ان جي ساٿين کي 17 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود راڻيپور پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. جنهن جي ڪري قاتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي به موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جنهن جي ڪري اسان جي زندگي کي به خطرو آهي. هنن الزام لڳايو ته ڊي ايس پي گمبٽ قاتل در جي ٻٽ بڻيل آهي جنهن جي ڪري جوابدارن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. هنن ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آهن پر ڪير به ديان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو پوليس وارا پنهنجي پٽي ڀائي محبوب سهتو جي قاتلن کي گرفتار نٿا ڪن. جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پوليس اهلڪار جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته پاڪ ڪتاب کڻي آءِ جي سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽري آفيس ڪراچي جي آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي. هنن آخر ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button