ڄامشورو

ڄامشورو: سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، مذهب يا فرقي جي بنيادن تي پنهنجي مرضي نه ٿي مڙھجي سگھجي، شهلا رضا

امام علي ڀلائي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
Shahla Raza (640x188) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هتي ڪوبه ڪنهن تي مذهب يا فرقي جي بنيادن تي پنهنجي مرضي مڙهي ڪونه ٿو سگهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، شهلا رضا وڌيڪ چيو ته آئون حيدرآباد ڄائي آهيان، حيدرآباد ۾ مون انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي آهي، هتي اچي مون کي بيحد خوشي محسوس ٿيندي آهي، هن چيو ته لمس جو پرسڪون ماحول ڏسي دل ٿي چوي ته ڪاش ڪراچي ۾ به اهڙو ماحول هجي، هن چيو ته ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ پوليو جو سبب اهي ٻاهران ايندڙ ٻار آهن، جيڪي ملڪ جي ٻين حصن کان هتي اچن ٿا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مارجي ويل ڪارڪنن کي معاوضي ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن اهڙي ريت ٻئي ڪنهن سياسي پارٽي جي ڪارڪنن جو به عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو ته ان لاءِ به معاوضي ڏيڻ جو سوچي رهيا آهيون، هن چيو ته اسان وٽ قلندر لال شهباز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل، شاهه عنايت شهيد، مائي ڪولاچي ۽ مائي بختاور جهڙا ڪردار آهن ته اسان پوءِ ٻئي ڪنهن ملڪ جي ڪردار کي پڙهڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون، جيڪڏهن اسان انهن جي عمل تي نقش قدم تي هلون ته هوند امن هن ملڪ جو مقدر بڻجي وڃي. هن چيو ته سنڌ ازل کان هڪ ڌرتي آهي، جنهن بعد پاڪستان جو وجود آيو، جيڪڏهن سنڌي سنڌ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا ته هو ملڪ کي دهشتگردي کان بچائڻ ۾ سڀ کان گهڻو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نوشاد احمد شيخ ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ان موقعي تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو رجسٽرار صالح راڄڙ، ڊاڪٽر خادم لاکير، سپاف اڳواڻ رزاق بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close