مختصر خبرون

سکر:جيئي سنڌجي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي سکر طرفان ڪراچي مان 14 قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو گدا حسين ڪنگو، عيدن علي جاگيراڻي، نصير گوپانگ، راجا سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن الزام هنيو ته حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي قومي ڪارڪنن کي مختلف اذيتون ڏنيون پيون وڃن، هينئر رياستي ادارن جي تشدد واري عمل ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، ڪراچي مان جست جا 14 ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن، سندن زندگين کي خطرو آهي، انساني حقن جون تنظيمون، حڪومت ۽ اعليٰ عدليه واقعي جو نوٽيس وٺي سندن بازيابي کي يقيني بڻائين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button