آرٽيڪل

زندگي آ پيار جي مصوري..

”سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر رضا لانگاھ جي جنم ڏينهن جي حوالي سان“
وحيد رزاق مستوئي
waheed razak mastoi pixرضا لانگاھ اسان جي انهن شاعرن مان هڪ اهڙو خوبصورت شاعر آهي جيڪو تخليق ۽ فڪر جي سفر تي روان دوان آهي رضا لانگاھ جي شاعري ۾ احساس جا گهرڙا تمام گهڻا ٺهيل آهن جن ۾ هڪ پاسي لڙڪ ته ٻئي ٽهڪ، هڪ پاسي لڙڪ ته ٻئي پاسي ماڌاڻ، هڪ پاسي ميلاپ ته ٻئي پاسي وڇوڙي جا وڍ ملندا. رضا لانگاھ جي شاعري ۾ زندگي سچ، پيار، محبت، درد، خواب، خواهشون، رشتا، وڇوڙا، ميلاپ، حُسن، منظر، نرم دلي، مصروفيت، خاموشي، واعدا، جوش، جذبو، ولولو، آزادي ۽ غلامي جهڙا قصا قابل ذڪر آهن وقت جو اهم شاعر پنهنجي سموري قوم جي نمائندگي ڪندو آهي هن جي قلم جي نب هيٺان سندس وطن جون سموريون بي واجبيون، سفاڪيون ۽ سانحا رهندا آهن. رضا لانگاھ جي غزل ۾ گهڻو ڪري رومانوي عڪس کوڙ ملن ٿا جنهن ڪري سندس شاعري جي معنائن واري رڻ ۾ رلڻ جو عڪس تجريديت پسائي ٿو.
هر گهڙي آ روشني،
زندگي آ روشني.
وقت جي اونداھ ۾،
شاعري آ روشني.
ڪينڪي ساڳي رهي،
سنڌ جي آ روشني.
رضا لانگاھ تجسيمي استعارا پڻ جهجهي انداز ۾ ملن ٿا هن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ۽ سنڌ جا وڻندڙ عڪس ۽ انهن عڪسن سان گڏ سماجيات تاريخيت ۽ تخليقيت جا انيڪ روپ آهن. رضا لانگاھ نئين ٽهي جو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي حيثيت سٺن تخليقڪارن ۾ ڀرپور نموني سان مڃرائي آهي. هي اهو ليکاري آهي جنهن محنت، محبت، ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي پنهنجي نمايان حيثيت ماڻي آهي هن جو جيون بنيادي اصولن رشتن واستن ۽ اخلاقي قدرن سان مالا مال آهي دنيا جي تبديلي سان گڏ رضا لانگاھ جي شاعري پڻ تبديلن جي مرحلن مان گذري رهي آهي هي اهو قلمڪار آهي جنهن روايتي طريقن کي نوان موڙ ڏئي اخلاقي سماجي تهذيبي ثقافتي ۽ سياسي نظريا صاف سولي زبان ۾ پنهنجي شاعري اندر قطب آندا آهن. رضا لانگاھ جي غزل ۾ ٻوليءَ جون ترڪيبون پاڻ ئي خود استعارا بڻجي ويون آهن. رضا لانگاھ جمالياتي ۽ مزاحمتي شاعر هئڻ ڪري سندس غزل ۽ نظم دل ۽ دماغ کي متاثر ڪندڙ رهيا آهن جن ۾ پڻ معاشري جا مختلف عڪس نظر اچن ٿا. شاعري کانسواءِ نثر ۾ پڻ گهڻو لکيو اٿس. شخصي حوالي سان رضا لانگاھ پنهنجي ذات ۽ مزاج ۾ هڪ مڪمل ۽ ترتيب وارو شخص رهيو آهي. رضا لانگاھ ساهتي پرڳڻي جي خوبصورت شهر مورو ۾ نائين مئي 1969ع ۾ ولي محمد لانگاھ جي گهر ۾ جنم ورتو سندس تعليمي لياقت ايم اي (سياسيات) ۽ ايم اي سنڌي ۾ ڪئي آهي، هن شاعري جي شروعات 1985ع کان ڪيائين پاڻ هڪ سٺو شاعر آهي پنهنجي شاعري سڀ کان پهريان سيد منظور علي شاھ منظور کان اصلاح ڪرايائين شروعات ۾ ڌنن تي شاعري ڪيائين جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جو ميمبر ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جو ٻه ڀيرا خزانچي پڻ رهي چڪو آهي مسلسل مطالعي ۽ جدوجهد جي ڪري مارچ 2014ع ۾ سندس ڪتاب سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو طرفان سيڪريٽري رزاق مستوئي ”رضا لانگاهه“ جو پهريون شعري مجموعو ”دعائون ننڊ مان جاڳيون“ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي ڪتاب ڊبل ڪور فليپ سان پڪي جُلد ۾ بهترين پيپرن تي مشتمل آهي رضا لانگاھ پنهنجي محنت ۽ اخلاق جي ڪري پوري سنڌ ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪو آهي هي سنڌي ٻولي جو انتهائي پڪو ۽ پختو شاعر آهي جنهن جو ثبوت هنن سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو:
پنهنجي مفاد خاطر ڪيڏو لڇو پڇو ٿا،
۽ ديس جي ڪمن ۾ ڇرڪي وٺي ڀڄو ٿا.
گندو سماج ٿي ويو هي ڏوھ رضا ڪنهن جو،
تنهن کي اوهان جي ٺاهيو ته ٺاهي سگهو ٿا.
يا
مون ڏاڍ جي آڏو نه ڪڏهن ڪنڌ جهڪايو،
۽ پنهنجو قدم ڪين ڪڏهن پوئتي هٽايو.
جو سبق سچائي جو ڏنو سن جي سائين،
سو سبق رضا سنڌ ۾ آ مون ته پڄايو.
رضا لانگاھ شاعر سان گڏ استاد جي پيشي ۾ پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي پاڻ بيسٽ ٽيچر ايوارڊ ضلعي توڙي تعلقي جا حاصل ڪري چڪو آهي جنهن ڪري سندس هر دوست ۽ استاد کيس عزت جي نگاھ سان ڏسي ٿو. سنڌ جي خوبصورت شاعر احمد سولنگي چواڻي رضا لانگاھ پنهنجي آرٽ اندر خواب نما باطني زندگي جا جيڪي عڪس ڏيکاريا آهن اهي رضا لانگاھ جي شاعري جي اُجري آئيني جو ئي ڪمال آهن جو جُهڙ جيئن جهالا ڏيندڙ هر پرتوو رضا لانگاھ جي اندر جي اجالن ۽ انڌيرن کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو رضا جي فن ڏانهن سنجيدگي ۽ سچيتپائي جو ثبوت آهي. مون رضا لانگاھ کي ٿورڙي عرصي ۾ تمام ويجهو ٿي ڏٺو آهي هن جي اندر ۾ سچائي چنڊ جيان صاف ۽ چٽي نظر اچي ٿي سندس ڪيل شاعري ٻڌڻ سان ئي دلي سڪون پيدا ڪري ٿي ۽ اندر اتساھ ڏئي ٿي جهڙي نموني شاعري لکڻ جو ڏانءُ اٿس ائين وري اسٽيج تي بيهي پڙهڻ جو انداز پڻ نرالو اٿس. سٺي شاعر سان گڏ سٺو مقرر پڻ آهي رضا لانگاھ جڏهن به دوستن جي ڪچهري ۾ شامل ٿيندو آهي ته سياسي ۽ سماجي موضوعن سان گڏ شاعري کي پڻ اوليت ڏيندو آهي ۽ سڄي ڪچهري شاعراڻي روپ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي رضا لانگاھ شاعري کي ماءُ جيترو درجو ڏيندي چوي ٿو ته:
پيار مونکي مليو ماءُ جهڙو رضا،
روز مونکي ڪري ٿي دعا شاعري.
ابتدا شاعري انتها شاعري،
ڇا ته تون ۾ رکي آ خدا شاعري.
رضا لانگاھ پنهنجي شاعري ۾ زندگي سان پيار ڪندي چوي ٿو ته:
زندگي آ پيار جي مصوري،
پيار جي اظهار جي مصوري.
سندس دعا آهي رضا لانگاھ کي الله تعالى وڏي ڄمار ڏيندو ۽ اهڙي طرح رصا لانگاھ پنهنجي قلم جي نب مان سهڻا خيال سرجيندو رهندو اڄ جنم جي ڏهاڙي تي لک لک مبارڪن سان گڏ هي سٽون کين نانءُ ڪريان ٿو:
سڄي رات روئي سمهي ٿو پوي،
اکيون درد ڌوئي سمهي ٿو پوي.
نديءَ جي ڪناري جهريل جهوپڙيءَ ۾،
ڪري دانهن ڪوئي سمهي ٿو پوي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button