مختصر خبرون

خيرپور: ڏهن کان وڌيڪ جوابدار اشتهاري قرار

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت مسلسل غير حاضر رهندڙن خلاف ڪاروائي تيز ڪري ڇڏي، ڏهن کان وڌيڪ جوابدار اشتهاري قرار، ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم. تفصيل مطابق سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ مس ثمينه منگي جي عدالت ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۾ جوابدار ڄاڻائيل انور ولد قادر بخش شمباڻي، رسول بخش ولد قادر بخش شمباڻي، صابل شمباڻي، منٺار ولد راضي، جاويد ولد خميسو لوهر، محمد صفت ولد الهڏنو گوپانگ، چڀڙ ولد محمد حيات رند، فياض ولد مير محمد رند ۽ قادر بخش ولد ضمير حسين رند خلاف قلم 87/ 88 جي ڪاروائي ڪندي کين اشتهاري قرار ڏيئي سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button