مختصر خبرون

خيرپور: احمدپور پوليس جي ڪاروائي، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال

خيرپور (انّا) ڏٻر محله خيرپور ۾ احمدپور پوليس جي ڪاروائي، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد، ڦرلٽ، ٽي ڀاتي کنڀي ويا، سيشن جج نوٽيس ورتو، ايس ايڇ او کان رپورٽ طلب. تفصيل مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي حد محله ڏٻر جي رهواسي اياز علي ولد محمد لنجواڻي جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪندي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر ۾ گهري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد بعد هڪ لک روپيه روڪ ۽ سونا زيور ڦرڻ بعد ٽن گهر ڀاتين اياز علي لنجواڻي، محمد لنجواڻي ۽ رياض لنجواڻي کي کنڀي غائب ڪري ڇڏيو. جنهن بعد نيڪ مردن جي وچ ۾ اچڻ تي چاليهه هزار روپيه خرچي وٺي کين آزاد ڪيو ويو. مگر ڪيس داخل ڪرائڻ جي خوف کان پوليس ٻيهر پيرسن محمد لنجواڻي کي کنڀي نامعلوم هنڌ قيد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي معاملي ۾ اياز علي لنجواڻي طرفان احمدپور جي ڊي ايس پي سعيد احمد ڀيو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن جج عبدالحميد قريشي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. عدالت سندس درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button