مختصر خبرون

مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا ۾ احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
جيئي سنڌ قومي محاذ پاران شهيد مقصود خان قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا ۾ منعان ميمڻ، عطيق سومرو، زاهد شاه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي اڳواڻن چيو ته شهيد اڳواڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ 13 اپريل تي ڀريا باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويندو. هنن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي بهادر اڳواڻن کي گوليون هڻي قتل بعد باه ڏئي ساڙڻ وارو عمل انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي اڳواڻن 13 اپريل تي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ عوام کي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button