آرٽيڪل

موهن لال ڪٿي آهي؟

ابراهيم انقلابي
مهراڻ يونيورسٽي جامشورو
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪيميڪل ڊپارٽمينٽ جي پهرئين سال ۾ پڙهندڙ 19 سالن جو نوجوان شاگرد موهن لال ميگهواڙ 2013 کان گم ٿيل آهي ،ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود اڄ تائين ڪو اتو پتو نه پئجي سگهيو آهي،يونيورسٽي جي دوستن پاران ڪيترائي مظاهرا ۽ مسلسل جدجهد ڪئي وئي پر اڄ تائين موهن لال جي پرسرار نموني گم ٿيڻ هڪ وڏو سوال بڻيل آهي.

موهن لال
موهن لال
موهن هڪ زهين شاگرد هو ۽ ان جو پيءُ جلال ميگهواڙ هڪ هاري تنهن ٻڌايو ته کين پٽ گذريل سال 24 جولاءِ کان گم آهي کين جڏهن يونيورسٽي جي پوائنٽ تي حيدرآباد وڃي رهيو هو ته وچ رستي تي اغوا ڪيو ويو،يونيورسٽي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران بازيابي لاءِ ڪنهن به قسم جو عملي قدم نه کنيو آهي.ياد رهي ته هندو اقليتن سان اهو پهرين واقعو نه آهي بلڪه ڪيترائي واقعا جهڙوڪ زبردستي شادي،هندو ڇوڪرين جي زوري مذهب مٽائڻ،انهن کي لڏپلاڻ تيِ مجبور ڪرڻ ۽گم ڪرڻ معمول بڻيل آهن،هي رياست هندو اقليتن کي برابر شهري طور تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪي آهي ،آءٌ سياسي ورڪرن ،دانشورن،صحافين ۽ هندو اقليتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيمن کي اپيل ٿو ڪيان ته موهن لال جي بازيابي لاءِ آواز اٿارين ۽ مان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿو ڪيان ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي انهن ماڻهن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي جيڪي اقليتن جي حقن جي لتاڙ ٿا ڪن .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button