مختصر خبرون
باڊھ: شيخ نوري محمد علي سنڌ جي تاريخي ماڳ موھن جي دڙي جو دورو ڪيو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ
باڊھه: مديني شريف کان آيل متولي شيخ نوري محمد علي اڳوڻي صوبائي وزير سيد اويس مظفر سان گڏجي سنڌ جي تاريخي ماڳ موھن جي دڙي جو دورو ڪيو، شيخ نوري محمد علي موھن جي دڙي جي دوري دوران اسٽوپا تي تھذيب جي بچاءُ لاءِ خاص دعا گھري، ٻئي طرف سيد اويس مظفر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ فيسٽيول جي ڪاميابي کان پوءِ جيڪي فنڊ مليا آھن انھن کي تاريخي ماڳن تي خرچ ڪنداسين ۽ پنھنجي تاريخي اثاثي کي بچائينداسين ھن وڌيڪ چيو ته موھن جو دڙو پوري دنيا جي پراڻي تھذيبن مان ھڪ تھذيب آھي ۽ ھتي پوري دنيا کان پرڏيھي سياح ھن تھذيب کي ڏسڻ لاءِ ايندا آھن ھن چيو ته موھن جي دڙي تي انٽرنيٽ جي سھولت موجود نه آھي جنھن جي سھولت جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي.