سکر

ساس پاران نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي رشيد ڀٽي جي 26هين ورسي ملهائي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

 سنڌي ادبي سنگت پاران نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي رشيد ڀٽي جي 26هين ورسي ملهائي وئي
سنڌي ادبي سنگت پاران نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي رشيد ڀٽي جي 26هين ورسي ملهائي وئي

سنڌي ادبي سنگت پاران سکر ۾ نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي رشيد ڀٽي جي 26هين ورسي ملهائي وئي، ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ڪامريڊ گيانچند چيو ته رشيد ڀٽي هڪ ارڏو، سچو ۽ کرو انسان هو، جنهن ڪڏهن به حالتن سان سمجهوتو نه ڪيو، عملي جدوجهد ذريعي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، هادي ڀٽ، نثار مڱريو ۽ برڪت بلوچ چيو ته رشيد پنهنجي تحريرن ۾ چاليهه سال اڳ ئي موجوده صورتحال کي پروڙي ورتو هو ۽ اڳڪٿي ڪئي هئي ته جهڙي طرح حڪمران ملڪ جون واڳون سنڀالي رهيا آهن اهڙي حالت ۾ ملڪ جو ٻيڙو ترڻ بدران ٻڏي ويندو، اڄ جي ادبي افق تي رشيد ڀٽي، مولائي شيدائي ۽ شيخ اياز جي پائي جا اديب نظر نه ٿا اچن، ڇو جو اڄ جو اديب مطالعي ۽ دور انديشي کان ڪوهين ڏور آهن. اسين پاڻ کي رشيد ڀٽي کي تسلسل سمجهون ٿا ته پوءِ اسان تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته مصلحتون پري اڇلائي رشيد ڀٽي جي نظريي کي عملي جامو پارايون. گل ڪٽوهر، سچل ڀٽي، ناچيز ثناءُ الله، تاج رند، فيض سومرو، ضياءَ ڀٽي، خالد بروهي، نور چنو ۽ب ٻين چيو ته رشيد ڀٽي قومي ۽ سياسي تحريڪ ۾ ٻارڻ وارو ڪم ڏيکاريو ۽ ڪڏهن به حڪمرانن کان سهولتون نه ورتائين. ايتري تائين جو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ خاص طور سکر جي سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن کي متحرڪ رکيائين،

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button