ھنڱورجا

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ هنڱورجا ۾ اديبن ۽ شاعرن پاران ريلي

نڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ هنڱورجا ۾ اديبن ۽ شاعرن پاران ريلي
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ هنڱورجا ۾ اديبن ۽ شاعرن پاران ريلي
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ هنڱورجا ۾ اديبن شاعرن ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سميت شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، صوفي بخش علي، محبت سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڇر چوڪ کان پريس ڪلب تائين وڏي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هيا جن تي سنڌي ٻولي قومي ٻولي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو، تعليمي ادارن ۾ سنڌي پڙهايو جا نعرا درج ٿيل هيا. ريلي کي ساس جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي صديون پراڻي شاهڪار ٻولي آهي پر افسوس جو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي سبجيڪٽ طور نٿو پڙهايو وڃي. جيڪا وڏي ناانصافي آهي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته سينيٽر عديل خان جيڪو ٻولين وارو بل پيش ڪيو آهي ان کي اسان ساراهايون ٿا. سنڌ جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي گهرجي ته اهي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو قردار ادا ڪن. 21 فيبروري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت پاران سڄي سنڌ ۾ ريليون ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button