مختصر خبرون

دلدار سومرو جي قاتلن کي گرفتار ڪريو، وارثن جو احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سکر پريس ڪلب آڏو ڪنڌڪوٽ جي رهواسي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪندي اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي مرزا پور محلي جي رهواسي محمد يوسف سومرو صحافين کي ٻڌايو ته 15 سالن جي معصوم پٽ دلدار سومرو کي جوابدار سلطان، لالا، عبدالرحمٰن، عارف سومرو ۽ ٻين کيس بيگناھ قتل ڪيو هو جنهن جي خلاف بخشاپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعلى سنڌ، آءِ جي ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button