مختصر خبرون

ڇاپي دوران بازياب ڪرائيل عورت عدالت ۾ پيش، بيان بعد والد حوالي

خيرپور (انّا) ڇاپي دوران بازياب ڪرائيل عورت عدالت ۾ پيش، بيان بعد والد حوالي، زخمي هجڻ سبب اسپتال داخل، ايس ايڇ او فرار، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم، واقعي جو هاءِ ڪورٽ سکر نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن عدالتي ڇاپي دوران بازياب ڪرائيل مسمات ريشما پروين مڱڻهار کي سيشن جج عبدالحميد قريشي جي عدالت ۾ پيش ڪرائيو ويو. جتي هن پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڄاڻائيو ته ايس ايڇ او ڪوٽ مير محمد حضور بخش ناريجو سان اڳ شادي ٿيل هئي. جنهن کان طلاق بعد هاءِ ڪورٽ آف سنڌ بينچ ايٽ حيدرآباد ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي هئي. جتان پڻ کيس پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي. جنهن بعد کيس سابقه مڙس حضور بخش ناريجو اغوا ڪري ناحق باندي بڻائي ڇڏيو ۽ تشدد ڪري سندس ٻانهن ڀڄي ڇڏي آهي. اهڙي بيان بعد عدالت کيس تحفظ فراهم ڪندي راجپوتانا اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. هوڏانهن ڪوٽ مير محمد ٿاڻي جو ايس ايڇ او حضور بخش ناريجو عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ٻئي پاسي سول جج ڪنگري سيد نادر علي شاهه کي سندس عدالتي عملي سميت يرغمال بڻائڻ جي الزام هيٺ ايس ايڇ او خلاف عدالت طرفان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه هاءِ ڪورٽ آف سنڌ بينچ ايٽ سکر جي سينئر جسٽس پڻ عدالتي عملي کي يرغمال بڻائڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي عدالت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button