مختصر خبرون

هنڱورجا: وزيراعظم جي بيروزگار نوجوان کي لون ڏيڻ واري اسڪيم جا فارم ڏيندڙ نيشنل بينڪ جي عملدارن نوجوانن کي رلائي ڇڏيو

وزيراعظم جي بيروزگار نوجوان کي لون ڏيڻ واري اسڪيم جا فارم ڏيندڙ نيشنل بينڪ جي عملدارن نوجوانن کي رلائي ڇڏيو مختلف بحانه ڪري فارم جمع ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي هنڱورجا جي بيروزگار نوجوانن ڪريم بخش چانگ، عزيزالله مشوري، نثار ڀٽو، جاويد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل بينڪ راڻيپور جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن الزام لڳايو ته نيشنل بينڪ جو عملو مختلف بحانه بڻائي بيروزگار نوجوانن کي وزيراعظم جي روزگار اسڪيم وارا فارم جمع ڪرائڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن جنهن ڪري نوجوان روزانو بينڪ جا چڪر لڳائي ٿڪجي پيا آهن هنن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته بيروزگار اسڪيم کي شفاف بڻايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button