ھنڱورجا

هنڱورجا: سڪارپ ٽيوب ويل 10ناڪارا هجڻ ۽ واھن ۾ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو مظاھرو

هنڱورجا: سڪارپ ٽيوب ويل 10ناڪارا هجڻ ۽ واھن ۾ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو مظاھرو
هنڱورجا: سڪارپ ٽيوب ويل 10ناڪارا هجڻ ۽ واھن ۾ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو مظاھرو
صوڀوديرو تعلقي جي 150 اسڪارپ ٽيوب ويل 10 سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري سم سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباه ٿي وڃڻ ۽ تعلقي جي شاخن ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ جي خلاف سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي تعلقي جي مختلف شهرن جي آبادگارن نظر محمد لاڙڪ ، ڪانڊيرو خان سهتو، غلام رضا کوکر، لونگ خان حطار، خدابخش سهتو، حاجي خان چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي احتجاج ڪندڙ آبادگارن الزام لڳايو ته تعلقي صوڀوديرو جي 10 سالن کان 150 ٽيوب ويلن مڪمل طور تي ناڪارا ٿي وڃڻ جي ڪري تعلقي جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم جي پاڻي جي ڪري تباه ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسي رهيو آهي جڏهن ته ناڪارا ٽيوب ويلن جي مرمت لاءِ ڪروڙين روپين جي بجيٽ پي ڊي اسڪارپ ۽ انجنيئر اسڪارپ خيرپور ملي ڪري ڪوڙن ووچرن جي زريعي هڙپ ڪري وڃن ٿا ڪيترائي ڀيرا اسڪارپ کاتي جي ڪامورن وٽ دانهڻ باوجود ڪير به تدارڪ ڪرڻ جي تيار ناهي هنن چيو ته تعلقي جي شاخن ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهه مڪمل طور تي پورجي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي شاخن ۽ واهن جي مرمتي ڪم ۾ پڻ گهوٻيون هنيو پيو وڃن جڏهن ته بااثرن جا واٽر ڪورس ڀڳل آهن ۽ پاڻي آبپاشي ڪامورا وڪرو ڪري رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي هنن چيو ته اڄ سخي ناصر شاه گيٽ جي سامهون بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي جيڪا مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندي هنن وزيراعلي سنڌ ۽ اعلي اختارين کان مطالبو ڪيو ته تعلقي صوڀوديرو جا ناڪارا ٽيوب ويل فوري طور تي چالو ڪرائڻ سان گڏ نوان ٽيوب ويل لڳايا وڃن انهي سان گڏ شاخن ۽ واهن جي کاٽي پڻ ڪرائي آبادگارن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button