آرٽيڪل

”جوڳيئڙا ويا جوءِ ڇڏي!

سٺ ڪتابن جو مصنف فتح الدين سومرو”بيدار مورائي“
پروفيسر شمشاد سومرو
سونهاري سنڌڙيءَ جي سندر شهر ”مورو“ کي اهو اعزاز آهي ته هن هر دور ۾ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي طور پاڻ ملهايو آهي هِن پنهنجي ڪُک مان اهڙن انمول هيرن کي جنم ڏنو آهي جن سنڌ ته ڇا پر پاڪستان ۽ ملڪ ٻاهر پاڻ موکيو آهي سياسي ميدان هجي يا ادبي، علمي ميدان هجي يا سماجي مطلب ته انهن گوهزن پنهنجو تانءُ نروار ڪيو آهي. علم ۽ ادب جي آبياري ڪندي هتي قاضي عبدالخالق”خليق مورائي“ جو نالو سر فهرست ملندو جڏهن ته ٻين هيرن ۾ ناصر مورائي، راشد مورائي، پروفيسر نذير قاضي، قاضي محمد علي اختر مورائي، فتح الدين”بيدار مورائي“ ۽ ٻين جنم ورتو آهي موجوده نئين ٽهيءَ ۾ ايترا بهترين نالا آهن جن جي لسٽ طويل آهي جن تحقيق، تخليق، ناول، افساني، شاعري ۽ ادب جي ٻين صنفن ۾ جڳ مشهوري ماڻي آهي.
Professor Shamshad Soomroفتح الدين سومرو”بيدار مورائي“ به اهڙي سهڻي من مهڻي شهر جي سومرا محلي ۾ جان محمد سومري جي گهر اندر 5 فيبروري 1937ع تي جنم ورتو هن ابتدائي تعليم سنڌي پهرئين کان ٽئين درجي تائين هالاڻي تعلقي ڪنڊياري لڳ بهلاڻي مان حاصل ڪيائين، جتي سندن مامو مرحوم ارباب علي سومرو رهندو هو. انگريزي پنج درجا مڊل اسڪول موري مان حاصل ڪيائين جتي ان وقت هيڊ ماستر مشهور ليکڪ ۽ استاد محترم غلام محمد پنهور مٺياڻي وارو هئو. پاڻ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سنڌ سونهاري جي هڪ ٻئي علمي ادبي شهر ”هالا“ ويا جتان 1954ع ۾ ڇهون درجو ۽ 1955ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان هالا هاءِ اسڪول مان ڏنائين. ان وقت هالا هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مشهور تعليمي ماهر سائين غلام رضا ڀٽو هيو ڀٽو صاحب سندن مئٽرڪ جي انگريزي پڻ وٺندو هو جڏهن ته نامور اديب ۽ شاعر سائين عبدالرئوف ابڙو”منصور ويراڳي“ جن کين سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندا هئا. منصور صاحب جي دور ۾ پڙهڻ دوران ”بيدار صاحب“ مضمون”ڀٽائي جو ڀيرو“، ”هاري جي حياتي“، ” ذ،ميندار جي زندگي“ لکيا هئا جيڪي سندن استاد ابڙي صاحب کي تمام گهڻا پسند آيا ۽ منصور صاحب کين گهڻو ڀائيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ”بيدار مورائي“ جي ڪتابن ۾ اڪثر پيش لفظ سندن لکيل آهن. بيدار صاحب هڪ سٺو ناول نويس، سيرت نگار، سوانح نگار، افسانه نويس هو سندن سٺ کان مٿي ڪتاب لکيل آهن جنهن مان 53 ڪتاب ڇپيل آهن.
”بيدار مورائي“ جن پهريون ڪتاب”حقيقي ايمان“ 1958ع ۾ لکيو جنهن ۾ ايمان جي حقيقت بيان ڪيل آهي، ٻيو ڪتاب ”حقيقي علم“ لکيو جنهن ۾ عارف ۽ عالم جي گفتگو ۽ بحث افساني ۽ ناول جي طرز تي ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ طرف اهل علم ۽ ٻئي طرف اهل ذڪر جا دليل ۽ واقعا سوالن جوابن جي صورت ۾ موجود آهن جيڪي نهايت دلچسپ ۽ سولي سلوڻي نموني بيان ٿيل آهن. ٽيون ڪتاب ”حقيقي دوست“ ناول جي طرز تي لکيل آهي هي ٽئي ڪتاب موري جي سرهيا پرٽنگ پريس مان شايع ٿيا هئا ان بعد ”ڇوٽڪارو“، ”عشق جي پوک“، چوڏهين صديءَ“ ڪتاب شايع ٿيا. ”بيدار صاحب“ عشق جي پوک ڪتاب ۾ عجيب و غريب عنوان ڏنا آهن جيئن ” زاري واري زمين“، هيٺاهين جا هر“، پيار جو پاڻي“، ادب جو ٻج“، سڪ جا سلا“، صحبت جا سنگ“، غير جي جهار“، وسيلي جي ونگار وغيره. هي ڪتاب ناول جي طرز تي نهايت دلچسپ ۽ عشقيا انداز ۾ لکيل آهي. اهي 6 ئي ڪتاب 1958ع کان 1964ع تائين 6 سالن ۾ لکيا ويا ان وقت ”بيدار مورائي“ جن 25 سالن جي عمر جا هئا. 1970ع ۾ جڏهن پاڻ مڊل اسڪول قمر آباد انگريزي استاد هئا ان وقت ”الخالق ادبي اداره هالا“ جي باني غلام هالائي ۽ انور هالائي جن قمر آباد ۾ ان اداري جي شاخ قائم ڪئي ۽ ان پاران اتي هڪ ادبي ڪانفرنس ڪرائي وئي جنهن ۾ ڪيترن ليکڪن، اديبن ۽ شاعر شرڪت ڪئي. هالا مان انور هالائي سميت ڪافي ڏات ڌڻين شرڪت ڪئي. ان ڪانفرسن ۾ ”بيدار مورائي“ جن هڪ مقالو پڙهيو ان مقالي ٻڌڻ کانپوءِ انور هالائي سندن تخلص ”بيدار“ رکيو ۽ پاڻ ”بيدار مورائي“ جي نالي سان مشهور ٿيا ۽ لکڻ لڳا ياد رهي ته ان وقت ساڻن گڏ سنڌ جو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر سائين عبدالحڪيم”ارشد“ پڻ اتي استاد هئا.
”بيدار مورائي“ جڏهن 1955ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ سندن رزلٽ اڃا نه آئي هئي ته کين ”انگريزي ماستري“ ملي ۽ سندن پوسٽنگ اي پي ڪلاس ماڙي تعلقه مورو ۾ ٿي. ان وقت پاڻ 18 سالن جي عمر جا هئا ۽ سندن پگهار 75 روپيا هئي. ان کان بعد ۾ پاڻ مڊل اسڪول قمر آباد ۾ رهيا جتي تمام گهڻو عرصو رهيا ۽ ان بعد مورو هاءِ اسڪول، ڦل هاءِ اسڪول ۾ رهيا جتان پروموشن طور ايڇ ايس ٽي ٿي ”شادي پلي هاءِ اسڪول مٺي“ ويا ۽ بعد ۾ آراضي هاءِ اسڪول ۽ ان بعد سڌوجا هاءِ اسڪول رهيا جتان 1997ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين.
”بيدار مورائي“ 1965ع ۾ روزاني مهراڻ اخبار ۾ اسلامي صفحي ۾ ڪالم لکيا، ان وقت مهراڻ جو ايڊيٽر سيد سردار علي شاھ هو. 1970ع دوران روزاني الوحيد اخبار ۾ ”سيلاني“ جي نالي سان سيلاني جي ڊائري ڪالم لکندا هئا جڏهن ته ايڊيٽر صاحب مولانا خير محمد نظاماڻي ”سامونڊي“ جي نالي سان ڪالم لکندو هو. ”بيدار صاحب جن جي تخليقن ۾ سماجي براين، سماج جي غلط رسمن رواجن، بي انصافي، ظلم ۽ ڏاڍ، رشوت خوري ۽ ذخيره اندوزي، منافع خوري، ڪامورن جي ڪڌن ڪرتوتن کي وائکو ڪيو اٿس ان کان علاوه اصلاحي سماجي افسانا، ناول، سيرت ۽ سوانح، ملفوظات، ديني ادب تي 60 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن جن مان ڪجھ هي آهن.
”حقيقي ايمان“ 1958ع، ”حقيق دوست“ 1960ع، ”حقيقي علم“ 1959ع، ”ڇوٽڪارو“ 1961ع، ”عشق جي پوک“ 1963ع، ”چوڏهين صديءَ“ 1961ع، جوڳي جاڳايوس“ 1965ع، برڪات تبليغ“ 1966ع، ”روحاني زندگي“ 1968ع، ”ڪامياب زندگي“ 1967ع، ”پيار جو پيغام“ 1965ع، ”راھ نجات“ 1969ع، ”دنيا دم گذر“ 1970ع، ”دوکي جي ديوار“ 1971ع“ مينگھ ملهار“ 1972ع، ”عشق حبيب“ 1980ع، ”دين جو درد“ 1981ع، ”زهر ڀري زندگي“ 1984ع، ”ديدار بازي“ 1984ع، ”رڻ ۾ ريهون“ 1984ع، ”ستا اٿي جاڳ“ 1982ع، ”مڪتوبات بخشيه“ 1085ع، ”غنچه غفاريه“ 1988ع، ”بهار بخشيه“ 1989ع، ”تحفه الطاهرين“ 1991ع، ”ڪاملن جو ڪمال“ ”دهل وڄي دوسو مڙي“ 1994ع، ”ظلم جي زنجير“ 1995ع، ”هيڏا هاڃا ٿين“ 9196، ”سهڻا سخن“ 1996ع، لڪل لعل“ 1997ع، ”ماڻڪ موتي لعل“ 1998ع، ”انڌو گهوٽ“ 1999ع، ”ڏورينديون ڏسن“ 1999ع، زهريلا ڏنگ“ 1995ع، ”آئينو“ 1999ع، ”ملفوظات طاهريه“ 1996ع، ”مقالات طاهريه“ 2002ع، ”بوستان طاهريه“ 2004ع، ”گلستان غفاريه“ 2008ع.
”بيدار مورائي“ جن 1999ع ۾ دادو مان نڪرندڙ ٽماهي رسالي ”الاصلاح“ جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو هي رسالو 5 سالن جي وڌيڪ عرصي تائين هليو جنهن جا 20 کان وڌيڪ شماره پڌرا ٿيا جنهن ۾ سندن ڪيترائي مقالا پڻ آهن. ان کان علاوه سندن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون ٽماهي”الطاهر“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيا. سندن آتم ڪٿا ۽ ذاتي مشاهدن ۽ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”بيدار جي ڪهاڻي، بيدار جي زباني“ پريس ۾ آهي اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”مقالات بيدرايه“، ”سالار نقشبند“، ”طاهري فيض جي طغياني“ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. بيدار صاحب فارسي ۽ ابتدائي عربي تعليم ”مدرسه رحمانيه“ مورو مان مولانا عبدالرحيم لغاري وٽان حاصل ڪئي کين فارسي تي سٺو عبور حاصل هو. پاڻ روحاني فيض وقت جي قيوم ۽ غوث حضرت عبدالغفار”پير مٺا“ جن کان 1953ع ۾ حاصل ڪيو ۽ پير مٺا جن جي وصال 1964ع بعد سندن نائب ۽ خليفي اول ولي ڪامل حضرت خواجه الھ بخش المعروف ”سهڻا سائين“ رحه جن وٽ بيعت ثاني ڪئي ۽ 1970ع ۾ سندن کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيو. سهڻا سائين جن جي وصال کانپوءِ پاڻ سندن فرزند دل بند حضرت قبله خواجه محمد طاهر بخشي المعروف ”محبوب سڄڻ سائين“ جن جي 1983ع ۾ بعيت ثالث ڪئي. محبوبن مرشدن ڪريمن جو خاص پيار محبت کين ملندي رهي. ”بيدار صاحب “ جا ڪجھ ڪتاب ٻين تخلصن جهڙوڪ ”علامه هڻ کڻ“، ”علامه افٽ مار“، ”علامه سيلاني“ ۽ سجاڳ سومري جي نالي سان پڻ لکيل آهن.
هي علم جو اڪابر، نامور اديب، استاد ۽ ليکڪ 18 ڊسمبر 2013ع تي اربع جي ڏينهن شام جو ستين وڳي هن فاني دنيا کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو سندن جنازي نماز 19 ڊسمبر تي موري جي مشهور گولڊن گرائونڊ تي سندن مرشدن ڪريمن محبوب سڄڻ سائين جن اڍائي وڳي پڙهائي ان بعد سندن جسد خاڪي کي اباڻي قبرستان”خليفي صاحب“ جي مقام ۾ دفنايو ويو. سنڌ جي مشهور شاعر ۽ سگهڙ رحمت الله”عاجز“ لاشاري سندن وفات تي هيٺيان شعر چيا آهن.
اڄ ڪري جانب جدايون يار وڇڙي ويو هليو،
سر زمين سنڌ مان ”بيدار“ وڇڙي ويو هليو.
اوڻيھ سئو ستٽيھ جمعي رات پنجين فبروري،
موري ۾ ڄائو هو سو منٺار وڇڙي ويو هليو.
فتح محمد جهڙو فرزند جان محمد کي مليو،
سومرن کان سو صدورو ٻار وڇري ويو هليو.
پير مٺا، سهڻا سائين، سڄڻ سائين سخيءَ جي،
خلافت سان نوازيل، ننگدار وڇڙي ويو هليو.
چونڊي چوونجاھ ڪتابن سنديون ڏئي سوکڙيون،
اعلى اڪابر علم جو ڀنڊار وڇڙي ويو هليو.
اربع ارڙهن ڊسمبر ٻه هزار تيرهن شام جو.
ستين بجي سڳڙو ڇني ٿي ڌار وڇڙي ويو هليو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button