ھنڱورجا

هنڱورجا : ومي شاهراه تي مسافر ڪوچ ۽ بينظير ڀٽو جي ورسي تان موٽندڙ جيالن کان ڦر لٽ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا لڳ قومي شاهراه تي مسافر ڪوچ ۽ بينظير ڀٽو جي ورسي تان موٽندڙ جيالن کان هٿياربندن جي ڦر لٽ، مسافرن ۽ جيالن جو قومي شاهراه تي ڌرڻو، ڏوهارين جو پيڇو ڪرڻ تي پوليس سان مقابلو 2 اهلڪار زخمي، پوليس ڇاپا هڻي 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندس وٽان ڦريل سامان ، ڪار، موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوا، گرفتار ڪيلن وٽان هٿيار پڻ هٿ ، ڪيس داخل نه ٿيو، ايس پي زخمي پوليس اهلڪارن جي عيادت ڪئي.
HNG (610x402)تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراه تي ڪراچي کان هري پور پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ کي پير پريل اسٽاپ وٽ 10 هٿياربندن يرغمال بڻائي بس کي لنڪ روڊ سان 3 ڪلوميٽر پري فاصلي تي ڪاهي مسافرن کان ڦر لٽ ڪئي. اطلاع تي انچارج رسول آباد چوڪي فيض محمد ٿيٻو، پوليس ساڻ ڪري پهتو ته هٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب چوڪي انچارج فيض محمد ٿيٻو، موبائل ڊرائيور انور شاهه گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا ۽ هٿياربند فرار ٿي ويا. جڏهن ته ڦريل مسافرن قومي شاهراه تي احتجاج ڪيو اطلاع تي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او هنڱورجا واحد بخش ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ڏوهارين جا پيرا کڻي خانواهڻ ڀرسان سبحان شاه جي زمين تي ويٺل مري برادري جي گهرن ۾ هنيا. پوليس شاهد علي مري، علي حسن مري، جلات خان مري کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته پوليس ٻي ڪاروائي ۾ قومي شاهراه تان هڪ مرگلا ڪار کي پڪڙي سلطان ڪوٽ جي رهواسي رياض عباسي کي ڏوهارين کي قومي شاهراه تان کڻي وڃڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي. اطلاع تي ايس ايس پي خيرپور آصف اعجاز شيخ هنڱورجا پهچي زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي. ۽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي گڊ سرٽيفڪيٽ ڏنا ۽ هنڱورجا ٿاڻي تي وڌيڪ 10 پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او هنڱورجا واحد بخش ٻرڙو پريس ڪانفرنس ڪندي دعوا ڪئي ته گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان هڪ ڪلاشنڪوف، ٻه ميگزين ، 10 عدد مسافرن کان ڦريل موبائل سيٽ، 15 خالي بٽون، 5 ڊزن سونا زيورات، هڪ بنڊولو، سيڪيورٽي وارا بلٽ، 2 وڳا ليڊيز، هڪ مردانو وڳو ۽ ڪيترائي رائونڊ گوليون، کان سواءِ 5 هزار روپيه روڪ رقم سميت هڪ مرگلا ڪار، هڪ موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته هري پور ڪوچ جي مسافرن کان ڦر لٽ نه ٿي آهي باقي هٿ آيل سامان اڳ ۾ ٿيل قومي شاهراه تان ڦرلٽ دوران مسافرن جو ٿي سگهيو ٿو. هن ٻڌايو ته گرفتار ڪيل وڏا ڏوهاري آهن جن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.هوڏانهن ساڳئي رات شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي تان واپس نوشهروفيروز ويندڙ پ پ پ جي جيالن سان ڀريل ويگن کي نامعلوم هٿياربندن لال بخش سولنگي اسٽاپ وٽ روڪي جيالن کان روڪ رقم ، موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦريل ڪارڪنن هنڱورجا بس اسٽاپ وٽ قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ڦريل سامان واپس ڪرايو وڃي. ايس ايڇ او هنڱورجا مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. آخري اطلاعن تائين مسافر ڪوچ ۽ پ پ پ جيالن کان ڦر لٽ واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري پوليس ڪاروائي دوران گرفتار ڪيل ڏوهارين ۽ پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن جو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button