امام علي ڀلائي، ڄامشورو
سنڌ يونيورسٽي جو اڪيڊمڪ ڪنووڪيشن 21 ڊسمبر منعقد ٿي رهيو آهيسنڌ يونيورسٽي جو اڪيڊمڪ ڪنووڪيشن بروز ڇنڇر 21 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. اميدوارن ۽ اسٽاف لاءِ سنڌ يونيورسٽي جون پوائنٽ بسون اولڊ ڪئمپس، مارڪيٽ، لطيف آباد نمبر 5 ۽ 7، ايگريڪلچر ڪامپليڪس، قاسم آباد، نسيم نگر، ڀٽائي نگر، ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو ڦاٽڪ کان صبح جو ساڍي ستين (7:30) وڳي ڄامشورو لاءِ روانيون ٿينديون. جاري ڪيل اعلان مطابق ڪنووڪيشن جي سلسلي ۾ ريهرسل 20 ڊسمبر تي صبح جو ڏهين وڳي ٿيندي.