ھنڱورجا

ھنڱورجا: مڪاني چونڊن واري اعلان کان پوءِ پ پ مڪاني چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
hng (640x293)سنڌ حڪومت پاران 18 جنوري تي مڪاني چونڊن واري اعلان کان پوءِ پ پ مڪاني چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد جاويد شاه جيلاني ، سيد نياز شاهه جيلاني، سردار ممتاز حسين سهتو، سردار نظير احمد ڄامڙو جا هنڱورجا، شاهه جي مشين ۽ رسول آباد ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسا ، هنڱورجا جو بااثر فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ منڱڻيجا برادري جو سرپست حاجي نظام الدين منڱڻيجو پنهنجي برادري ۽ ساٿين سميت فنڪشنل ليگ سان پراڻو ناتو ٽوڙي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سيد جاويد شاهه مختلف هنڌن تي عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان مڪاني چونڊ مهم جو آغاز شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ 18 تاريخ پ پ جي اميدوارن جي فتح ۽ مخالفن جي شڪست جو ڏينهن ثابت ٿيندو. پ پ غريبن مظلومن جي پارٽي آهي عوام اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان محبت ڪري ٿو ۽ 18 تاريخ پولنگ واري ڏينهن اهيو ثابت ٿي ويندو. هن چيو ته خيرپور ضلعو پ پ جو مضبوط قلعو رهيو آهي پ پ جي وڌندڙ مقبوليت کي ڏسي مخالف بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن. چونڊن ۾ اسان جي ڪاميابي يقيني آهي سيد قائم علي شاهه خيرپور ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. هن چيو ته اسان پهريون ڀيرو نئين تڪ بندين ۾ عوام جي خدمت ڪندڙ انهن ڪردارن جي نالن تي يوسيون قائم ڪيون آهن جنهن ۾ سردار گل محمد خان ، عبدالڪريم خان کرل، سردار پير بخش خان تنيو سميت شامل آهن. هن چيو ته اڄ جيڪو پ پ جي جيالن جو قافلو نڪتو آهي اهو 18 جنوري تي مڪاني چونڊن ۾ فتح ماڻڻ تائين عوام جي وچ ۾ هوندو. جلسي کي اڳوڻي ضلعي ناظم پير سيد نياز شاه جيلاني خطاب ڪندي چيو ته منهنجي والد ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ئي سفر جا ساٿي هيا. پر ڪجهه وقت پارٽي کان پري رهيس هاڻي وري پنهنجي گهر واپس موٽيا آهيون. پ پ عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن. 18 جنوري پ پ جي ڪاميابي جو ڏينهن آهي اڄ اسان پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪيو آهي. هن چيو ته پ پ هميشه سنڌ جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو آَهي. جلسي کي سردار ممتاز سهتو خطاب ڪندي چيو ته پ پ کي شڪست ڏيڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي مخالفن وٽ اميدوار به ناهن جيڪي پ پ اميدوارن جي سامهون فارم ڀرائن . پير نياز شاه سردار اعجاز ٻگهيو ، سردار نظير ڄامڙو، حاجي نظام الدين منڱڻيجو سميت خيرپور ضلعي جون هڪ سئو کان وڌيڪ سياسي شخصيتن جي پ پ ۾ شموليت کان پوءِ مخالفن وٽ ڪجهه به ناهي بچيو. جلسي کي سردار نظير ڄامڙو خطاب ڪندي چيو ته اسان ڀليل هئاسون هاڻي پ پ ۾ شامل ٿي پاڻ کي سرخرو محسوس ڪريون ٿا. جلسي کي فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيندڙ حاجي نظام الدين منڱڻيجو چيو ته هاڻي اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ پ پ سان آهي ۽ پ پ ئي عوام جي حقيقي پارٽي آهي جنهن سان عوام گڏ آهي. هن کان اڳ جلسي کي الهورايو خان چنو، آفتاب ملاح، عاشق راڄپر، امير علي خاصخيلي، الطاف حسين ، حاجي نبي بخش شيخ، غلام جعفر منڱڻيجو، رسول بخش ڀٽو، نظير احمد چنو ۽ ٻين خطاب ڪيو. هن کان اڳ ۾ سيد جاويد شاه، پير نياز شاه ۽ سندس قافلي جو شاهه جي مشين رسول آباد ۽ هنڱورجا پهچڻ تي ڪارڪنن شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي ۽ هنڱورجا ۾ دهلن ۽ شرناعن سان سندن کي جلسي گاهه پهچايو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button