ڄامشورو

ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ والدين جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

امام علي ڀلائي، ڄامشورو

ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ والدين جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ والدين جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 52هون پيرنٽس ڊي (والدين جو ڏهاڙو) جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهرائي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو، تقريب ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردن پريڊ، پي ٽي، جمناسٽڪ، ڪراٽي، ٽينٽ پيگنگ، گهوڙن جي ڊوڙ، گالف ۽ ڪيترائي ڪرتب پڻ ڏيکاريا، تقريب ۾ بهتر ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ، شيلڊون، ٽرافيون ۽ ٻيا انعام پڻ ڏنا ويا، جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ۽ هڪ ايمبولينس پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جون تعليمي ميدان ۾ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، هن چيو ته تعليم کانسواءِ تبديلي ممڪن نه آهي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون تبديلي آڻڻ لاءِ اهم مورچو آهن. ان موقعي تي پرنسپال ڪموڊور محمد افضل ملڪ ڪيڊٽس ۽ اسٽاف کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته قوم جي ڪردار ۾ تعليم جو اهم ڪردار آهي ۽ ان دوران پرنسپال ڪاليج جي سالياني رپورٽ پڻ پڙهي ٻڌائي ۽ غيرمعمولي امتحانن جي نتيجن کي پڻ ساراهيو. پيرنٽس جي تقريب ۾ پاڪ فوج ۽ نيوي جي آفيسرن، وزيرن، ٻارڙن جي والدين ۽ ڪاليج اسٽاف ڀرپور شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button