ڄامشورو

ڄامشوري: شادي جي ميندي دوران خوشي ۾ فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

امام علي ڀلائي، ڄامشورو
Sindh Police، گهر خوشين بجاءِ ماتم ۾ تبديل، واقعي جي اطلاع تي سوين ماڻهو پهچي ويا، لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، اتفاقي رپورٽ داخل خبر موجب ڄامشوري شهر جي ڳتيل آبادي واري آر بي بي ڪالوني ۾ پ پ پ اڳواڻ صمد خان پٺاڻ جي ٻن ڀائرن لالا اسرار خان ۽ لالا ابرار خان جي 22 ڊسمبر تي رٿيل شادي جي ميندي ۾ گهرڀاتين طرفان خوشي ۾ ڪيل فائرنگ دوران گولي لڳڻ ڪري گهوٽن ۽ پ پ پ اڳوان صمد خان پٺاڻ جو نوجوان ڀاءُ اشفاق پٽ ثواب خان پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته فائرنگ ۾ ڇهين ڪلاس جي شاگرد جنيد خان پٽ ڪريم خان پٺاڻ ۽ جاويد خان پٽ دلبري خان پٺاڻ زخمي ٿي پيا، فوتي نوجوان اشفاق پٽ ثواب خان پٺاڻ انٽر ڪلاس جو شاگرد هو، فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال حيدرآباد مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي سبب گهر خوشين بجاءِ ماتم ۾ تبديل ٿي ويو، نوجوان جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي پٺاڻ برادري ۽ پ پ پ ڪارڪنن سميت سوين ماڻهو سندن گهر پهچي ويا، رابطي ڪرڻ تي ڄامشورو ٿاڻي جي ڊيوٽي آفيسر ٻڌايو ته واقعو اتفاقي هو ۽ ان جي اتفاقي رپورٽ داخل ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button