خيرپور

صحت ، تعليم ۽ پوليس کاتي ۾ بهتري آڻڻ جون پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون پيون وڃن، وڏو وزير

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران صوبي جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته صوبائي حڪومت پاران صحت ، تعليم ۽ پوليس کاتي ۾ بهتري آڻڻ جون پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

صحت ، تعليم ۽ پوليس کاتي ۾ بهتري آڻڻ جون پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون پيون وڃن، وڏو وزير
صحت ، تعليم ۽ پوليس کاتي ۾ بهتري آڻڻ جون پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون پيون وڃن، وڏو وزير
هن اهڙو اظهار خيرپور ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک روپين جي لاڳت سان ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ( ڊي پي پي ) خيرپور جي نئين تيار ٿيل عمارت جي افتتاح ۽ سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ انجمنِ تاجران، عام شهرين ۽ پارٽي ورڪرن سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته صوبي اندر تعليم ۽ صحت جا جديد ادار قائم ڪيا پيا وڃن جڏهن ته صوبي اندر امن امان جي بهتري لاءِ پوليس کاتي ۾ وڌيڪ نيون ڀرتيون پڻ ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته خيرپور جي عوام کي صحت ۽ تعليم جي جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ پڻ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته ضلعي جي امن امان کي بهتر ڪرڻ لاءِ پوليس کاتي جي لڳاپيل آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سان خيرپور شهر جي معزز شهرين، سول سوسائيٽي ۽ انجمنِ تاجران جي نمائندن ۽ پارٽي ورڪرن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ واسطيدار اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ورڪس اينڊ سروسز کاتي پاران هڪ ڪروڙ 60 لک روپين جي لاڳت سان ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ( ڊي پي پي ) جي نئين تيار ٿيل عمارت جو افتتاح ڪيو ۽ عمارت جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي کيس ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر عبدالستار ڀنڀرو پراسيڪيوشن کاتي خيرپور جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ لڳاپيل مسئلن کان آگاهي ڏني جڏهن وڏي وزير کيس مسئلن جي حل لاءِ يقين ڏياريو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان سندس پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، پرائيويٽ سيڪريٽري مظهر علي مڱڻهار، ڪمشنر سکر ڊويزن ڊآڪٽر نياز علي عباسي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، ايس ايس پي خيرپور آصف اعجاز شيخ ۽ ٻين مختلف کاتن جا سرڪاري آفيسر ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button