سکر

سکر: سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، مريض ميڊيڪل اسٽورن تان دوا وٺڻ لڳا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

سکر: سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، مريض ميڊيڪل اسٽورن تان دوا وٺڻ لڳا
سکر: سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، مريض ميڊيڪل اسٽورن تان دوا وٺڻ لڳا
سکر سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، عملو مريضن ميڊيڪل اسٽورز تي موڪلڻ لڳو، آپريشن جو سمورو سامان به ٻاهران وٺي اچڻ جي هدايت، اسپتال اندر نڪ ساڙيندڙ بدبوءِ سبب مريض سان گڏ ايندڙ تيماردار به بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا، رپورٽ موجب سول اسپتال جي ايم ايس هڪ ڪروڙ 10 لک رپين جي دوائن جي خريداري جو ٺيڪو گذريل سال اخبارن ۾ ڏنل اشتهار جي بنياد تي مبيناطور ٺيڪيدار خدا بخش عباسيءَ کي ڏيئي کيس دوائون ملڻ کان اڳ بل به پاس ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسپتال ۾ دوائن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ان حوالي سان اسپتال ۾ داخل مريضن الهه ڏنو انڙ، محمد علي، عباس شاهه ۽ جو چوڻ آهي ته نرسون کين ڪينولا توڙي دوائن ڏيڻ بدران کين پرچي لکي ميڊيڪل اسٽور تان وٺي اچڻ لاٰءِ چون ٿا، جڏهن ته آپريشن کان اڳ مريضن جي وارثن کي آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان پڻ ميڊيڪل اسٽور تان وٺي اچڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، مريضن سان گڏ آيل محمد خان، امير علي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسپتال ۾ سخت بدبوءِ رهي ٿي، جنهن ڪري سندن مريضن جي ٺيڪ ٿيڻ کان اڳ هو پاڻ بيمار ٿي پيا آهن، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال جي ڪجهه عملدارن جي اپيل تي هڪ سياسي شخصيت هڪ هزار ڪينولا خريد ڪري ڏنا، جيڪي ختم ٿي وڃڻ بعد مريضن کي ڪينولا به ٻاهران وٺڻي پئجي رهي آهي، جيڪي پڻ ميڊيڪل اسٽورز تي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سول اسپتال جي ايم ايس جاويد شيخ چيو ته گذريل سال اخبارن ۾ ڇيپل ٽينڊر جي بنياد تي هن سال به مارڪيٽ مان ڪمپنين کان سڌو سنئون دوائون ۽ طبي سامان خريد ڪيو ويو، اسپتال ۾ دوائن جي ڪابه کوٽ ناهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button