مختصر خبرون

سنڌيونيورسٽي پاران ايم ايس سي ڪرمنالاجي لاءِ داخلا جو اعلان

امام علي ڀلائي، ڄامشورو
سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشن جي هڪ اعلان مطابق شام واري پروگرام تحت ايم ايس سي ڪرمنالاجي ۾ داخلا لاءِ دلچسپي رکندڙن جي ڄاڻ لاءِ پڌرو ڪيو ويو آهي ته اهي 26 ڊسمبر تائين داخلا فارم وٺي ۽ جمع ڪرائي سگهن ٿا. جاري ڪيل پڌرائي مطابق اهڙا اميدوار جيڪي ايم ايس سي ڪرمنالاجي ۾ داخلا لاءِ فارم جمع نه ڪرائي سگهيا ۽ پري انٽري ٽيسٽ نه ڏئي سگهيا اهڙن اميدوارن کي ايم ايس سي ڪرمنالاجي ۾ داخلا جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايم ايس سي ڪرمنالاجي ۾ داخلا لاءِ فارم جمع ڪرائيندڙ اميدوارن جي پري انٽري ٽيسٽ 30 ڊسمبر تي منجهند جو 3 وڳي ميٺارام هاسٽل حيدرآباد ۾ ورتي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button