مختصر خبرون

روزاني نجات سکر جي چيف ايڊيٽر مخدوم محمد رفيق احمد هاشمي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سزا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
روزاني نجات سکر جي باني چيف ايڊيٽر شهيد مخدوم محمد رفيق احمد هاشمي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڪالهه گمبٽ جي عدالت عمر قيد جي ۽ 50،50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار لياقت چنو ،خادم ڦلپوٽو۽ اختر ڦلپوٽو کي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ کي عمر قيد ۽ 50،50 هزار ڏنڊ جر سزا ٻڌائي اهڙي فيصلي اچڻ بعد صحافي برادري ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي سکر واري آفيس ۾ فريد سومرو پاران صحافين کي مٺائي کارائي شهيد مخدوم رفيق احمد هاشمي لاءِ دعا گهري وئي. ان موقعي تي صحافين چيو ته قالن کي سزا ملڻ سان انصاف جون گهرجون پوريون ٿينديون آهن اهڙي عمل جي ڪري ڏوهاري سرگرمين کي ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو.هتان جي صحافين فريد سومرو، امداد بوزدار،عمر سومرو، محمد رضوان صديقي، شوڪت راهي، مسعود زيدي، فرهاد سومرو، محب چانڊيو، راشد ريحان ،شڪيل عاجز ، مختيارشامي ۽ ٻين شهيد رفيق احمد جي پٽن کي پڻ مبارڪون ڏنيون ۽ شهيد کي خراج تحسين پيش ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button