خيرپور

درگاهه بهار شاهه جي قبرستان تي قبضو

انا نيوز، خيرپور
Graveyardدرگاهه بهار شاهه جي قبرستان تي قبضو، زائرين طرفان احتجاج، تدارڪ جو مطالبو. تفصيل مطابق خيرپور شهر جي نئون ڳوٺ محله ۽ سائده ڳوٺ محله جي وچ تي قائم درگاهه بهار شاهه واري قبرستان تي ڪيترن ئي قبضا مافيا وارن قبضا ڪري گهر اڏي ڪراين تي ڏيئي ڇڏيا آهن ۽ سر عام وڪرو ٿيڻ جو ڪاروبار ڪيو پيو وڃي. انتظاميه طرفان قبضا گيرن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ خلاف زائرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي فقير آفتاب ڦلپوٽو، اياز علي سومرو، محمد نواز ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا. اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترا دفعا انتظاميه کي قبضه مافيا خلاف دانهيو آهي مگر ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته قبضا مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري قبرستان ۽ درگاهه جي تقدس کي پائمال ٿيڻ کان بچائيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button