مختصر خبرون

خيرپور: پنجاهه کان وڌيڪ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالتن مان پنجاهه کان وڌيڪ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري، انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر ۽ اي ايس آءِ جي عهدن وارا شامل. تفصيل مطابق خيرپور جي مختلف عدالتن مان مسلسل غير حاضر رهندڙ پنجاهه کان وڌيڪ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو ويو آهي ته کين عدالتن ۾ حاضرين تي حاضر ڪرائڻ جو پابند بڻائيو وڃي. جن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ انسپيڪٽر، سب انسپيڪٽر ۽ اي ايس آءِ جي عهدن تي ڊيوٽي ڪندڙ ربنواز مڱڻهار، شاهد حسين خشڪ، فياض حسين، رحيمداد شر، علي شير چنه، عبدالجبار شر، گلزار احمد ابڙو، محمد عيدن ڀٽو، ڌڻي بخش شيخ، نديم احمد چنڙ، وزير علي، نعيم فهيم ابڙو، قلندر بخش سيال، غلام قاسم شيخ، انورالدين چغتائي، جمشير علي سيال، انور سومرو ۽ پانڌي خان شامل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button