مختصر خبرون

خيرپور : هنڱورجه ۾ بد امني چوٽ چڙهي ويئي

خيرپور (انّا) هنڱورجه ۾ بد امني چوٽ چڙهي ويئي، ڦر مار ۽ چوري جون وارڌاتون عام، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، رهواسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور، تدارڪ جو مطالبو. تفصيل مطابق تعلقه سوڀوديرو جي ٿاڻي هنڱورجه جي پوليس جي لاپرواهي سبب علائقي ۾ ڦرمار ۽ چوري جون وارڌاتون عام جام ٿي ويون آهن جنهن سبب رهوسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. پوليس پاران ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انهن جي سرپرستي سبب علائقي ۾ ڏينهون ڏينهن بد امني چوٽ چڙهندي پيئي وڃي. پوليس جي اهڙي عمل خلاف هنڱورجه جي نيڪ مردن محمد رمضان سهتو ۽ ٻين خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وزير اعظم پاڪستان ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ننڊ پيل پوليس کي جاڳائي هنڱورجه ۾ امن بحال ڪرائيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button