مختصر خبرون

خيرپور: مجيب سولنگي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو

خيرپور (انّا) مجيب سولنگي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو، خيرپور پوليس جي ڳوٺ باغ واهه تي چڙهائي، سولنگي برادري جي گهرن ۾ گهري ڦرلٽ. تفصيل مطابق وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد بس اسٽاپ وٽ گذريل ڏينهن سولنگي برادري جي مجيب سولنگي کي قتل ڪرڻ ۽ سندس والد محمد مغل سولنگي کي زخمي ڪرڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هيو. جڏهن ته آچر ڏينهن صبح اسر ڌاران وڏا ماڇيون، احمد پور، پيرڳوٺ ۽ پريالوءِ ٿاڻي جي پوليس جي وڏي نفري ڏهن موبائلن ۾ سوار ٿي شڪ جي بنياد تي ڳوٺ باغ واهه جي رهواسي سولنگي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪندي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾ گهري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد بعد گهرن ۾ رکيل سونا زيور، روڪ رقم، گهريلو سامان ۽ چوپايو مال ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button