مختصر خبرون

خيرپور: عدالت يارنهن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت يارنهن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙ ڪيسن جي فريادي ۽ گواهن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي. جن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ سب انسپيڪٽر حبيب الله راڄپر، سب انسپيڪٽر محمد اعظم سانگري، سب انسپيڪٽر نعيم فهيم ابڙو، اي ايس آءِ محمد اشرف بگٽي، هيڊ ڪانسٽيبل محمد شهمير ڀٽي ۽ سپاهي عبدالستار گوندل، گنج بخش اوڍو، امير بخش مهر، سجاد لانگاهه، سادات لانگاهه، عبدالستار ۽ جبرالدين سهتو شامل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button