مختصر خبرون

خيرپور: عدالت فنڪشنل ليگ اڳواڻ طاهر امتياز ڦلپوٽو جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت اڳوڻي تعلقه ناظم خيرپور ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ طاهر امتياز ڦلپوٽو جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جيل حوالي. تفصيل مطابق خيرپور ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قائم خاص عدالت ائنٽي ٽيررزم ڪورٽ (اي ٽي سي) جي اسپيشل جج سيد سعيد حسن جي عدالت فدا حسين وساڻ مٿان ٿيل قاتلانه حملي ۾ مارجي ويل پوليس اهلڪار اعجاز خشڪ جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل خيرپور جي اڳوڻي تعلقه ناظم ۽ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ طاهر امتياز ڦلپوٽو جي ضمانت رد ڪندي کيس جيل اماڻي ڇڏيو. ٻئي پاسي طاهر امتياز ڦلپوٽو جي گرفتاري خلاف ڦلپوٽا برادري جي مڇريل ماڻهن پاران مختلف چونڪن تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ۽ شهر بند ڪرائيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button