مختصر خبرون

خيرپور: عدالت دارالامان سکر جي انچارج سميت ٽن کي عدالت طلب ڪري ورتو

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت دارالامان سکر جي انچارج سميت ٽن کي عدالت طلب ڪري ورتو، سومر ڏينهن تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم. تفصيل مطابق ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مس صدف کوکر جي عدالت دارالامان سکر ۾ پناهه حاصل ڪيل مسمات ڪرن شيخ جي والده جي درخواست تي دارالامان سکر جي انچارج ۽ مسمات ڪرن شيخ سميت ٽن ڄڻن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين سومر ڏينهن تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته عدالت ۾ مسمات ڪرن شيخ جي والده طرفان دارالامان سکر جي انچارج خلاف درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻائيو هيوته اهي کين سندس ڌيءَ مسمات ڪرن سان ملاقات نٿا ڪرڻ ڏين جنهن تي عدالت اهڙي ڪاروائي ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button