مختصر خبرون

خيرپور: عدالت جو اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بازياب

خيرپور (انّا) عدالت جو اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بازياب، ايس ايڇ او سومر ڏينهن عدالت ۾ طلب. تفصيل مطابق سيشن جج عبدالحميد قريشي جي هدايتن بعد ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ علي بخش ٿيٻو ٻي عدالتي عملي کي ساڻ ڪري اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو ۽ لاڪپ جي تلاشي دوران هڪ هفتي کان ناحق باندي بڻائيل خميسو چانڊيو کي بازياب ڪرائي ايس ايڇ او کي رڪارڊ سميت سومر ڏينهن تي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙي ڪاروائي ناحق باندي بڻائيل جي گهرواري جي درخواست بعد ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button