سنڌيونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي : انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين ۾ انٽري ٽيسٽ 4 ۽ 5 نومبر تي

امام علي ڀلائي
انڊس نيوزڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين جي چئن شعبن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 4 ۽ 5 نومبر تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. انسٽيٽيوٽ آف آرٽس Sindh Universityاينڊ ڊزائين جي انچارج ڊائريڪٽر نعمت الله خلجي ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته اداري جي چئن شعبن فائين آرٽس، ڪميونيڪيشن ڊزائين، ٽيڪسٽائيل ڊزائين ۽ آرٽ هسٽري ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 4 نومبر تي انسٽيٽيوٽ ۾ ورتي ويندي، جڏهن ته ڊرائنگ ٽيسٽ 5 نومبر تي ساڳئي هنڌ منعقد ٿيندي. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشن موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ بيچلرز ڊگري پروگرامن جي مختلف 54 شعبن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 3 نومبر تي سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ ۾ ورتي ويندي، جنهن لاءِ تيارين کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي جي سينيئر ٽرانسپورٽ آفيسر (آپريشنز) سجاد حسين شاهه 3 نومبر تي رٿيل بيچلرز پروگرام جي انٽري ٽيسٽ لاءِ اميدوارن، استادن ۽ انتظامي آفيسرن کي ڪئمپس پهچائڻ لاءِ پوائنٽ بسن جو شيڊيول جاري ڪيو آهي. شيڊيول موجب بسون ماضي وانگر مقرر هنڌن اولڊ ڪئمپس، مارڪيٽ/ سٽي گيٽ، لطيف آباد نمبر 7 توڙي 5، ايگريڪلچر ڪامپليڪس/ قاسم آباد/نسيم نگر، ڀٽائي نگر وايه باءِ پاس حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو ڦاٽڪ تان 3 تاريخ تي صبح جو ساڍي ستين بجي هلايون وينديون.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو