ھنڱورجا

هنڱورجا: ٻن مهينن جي امن هجڻ کان پوءِ هٿياربند ٻيهر ڦر لٽ ڪرڻ ۾ سرگرم ٿي ويا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Decoit Hingorjaهنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراه تي پنج نامعلوم هٿياربندن پاران ڦر لٽ جي ڪوشش، ڪار سوارن هڪ ڦورو مٿان ڪار چاڙهي ٽنگ ڀڃي ڇڏي، پوليس پهچي ڦورن جو ڪمند ۾ گهيراءُ ڪيو، هٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ، پوليس ڏوهاري جي خلاف مقابلي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ملهيراڻي پوليس پڪٽ جي سامهون دنگ مسجد وٽ 5 نامعلوم هٿياربندن قومي شاهراه تي ڦر لٽ ڪرڻ جي لاءِ مسافر گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو راڻيپور کان ڪنڊياري طرف ويندڙ تيز رفتار ٽوڊي ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار اسپيڊ ۾ هجڻ جي ڪري هڪ ڦورو مٿان چڙهي وئي جنهن کان پوءِ ٻيا ڦورو زخمي ٿيل ڦورو کي کڻي وڃي رهيا هيا ته اطلاع تي هنڱورجا پوليس پهچي وئي ۽ ڪمند جو گهيراءُ ڪيو جنهن تي هٿياربند ساٿي کي ڦٽو ڪري فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس زخمي ٿيل ڦورو کي هنڱورجا اسپتال آندو جتي ان جي سڃاڻپ عبدالجبار شيخ نالي ڪئي وئي. پوليس موجب زخمي ٿيل ڦورو وڏو ڏوهاري آهي جنهن مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن. هوڏانهن ڪار ۾ سوار ڪنڊيارو واسي عمران ملاح ۽ امجد ملاح ٻڌايو ته هٿياربندن ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گاڏي اسپيڊ ۾ هجڻ جي ڪري هڪ هٿياربند کي سامهون لڳي آهي ۽ اسان ڦرجڻ کان بچي وياسين ۽ گاڏي کي وڏو نقصان رسيو آهي. هوڏانهن ڊاڪٽرن موجب زخمي ڦورو جي هڪ ٽنگ پڻ ڀڄي پئي آهي.هنڱورجا ٿاڻي تي ايس ايڇ او سيد قلب عباس شاهه جي فرياد تي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڦورو عبدلجبار شيخ ۽ 6 اڻ سڃاتل جوابدارن جي خلاف قومي شاهراه تي ڦر لٽ جي ڪوشش دوران پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس کوجي ڪتن جي زريعي ڏوهارين جا پيرا کڻائي رهي آهي. واضع رهي ته قومي شاهراه تي گذريل ٻن مهينن جي دوران مڪمل طور تي امن امان هجڻ کان پوءِ هٿياربند قومي شاهراه تان ڦر لٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن. جڏهن ته نئين ايس ايڇ او جي مقرري دوران قومي شاهراه تي پهرين ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ۾ پڻ هڪ هٿياربند زخمي ٿيو آهي. جڏهن ته ساڳئي هنڌ تي 3 مهينا اڳ پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا هيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button