مختصر خبرون

هنڱورجا: آءِ بي جي اسڪالرشپ ٽيسٽ دير سان ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ استادن جو مظاھرو

نڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ۾ آءِ بي اي پاران چوٿين ۽ پنجين ڪلاس جي شاگردن کان اسڪالرشپ ٽيسٽ امتحان 3 ڪلاڪ دير سان وٺڻ خلاف استادن ۽ شاگردن جو احتجاج
تفصيل موجب هنڱورجا گرلس هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيل آءِ بي اي اسڪالرشپ ٽيسٽ واري سينٽر تي چوٿين ۽ پنجين ڪلاس جي شاگردن جي ٽيسٽ صبح جو مقرر ٽائيم 8 بجه تي نه ٿي سگهي جنهن تي يوسي هنڱورجا جي مختلف اسڪولن پرائمري اسڪول دڙئي سولنگي، ڪوڙل جوڳي، رضا محمد سولنگي، گلال محلا، محمديه محلا، بيگ محمد ڀٽو، ڪبير سهتو، گابر خاصخيلي اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن سخت احتجاج ڪيو جنهن به بعد آءِ بي اي جي انتظاميه 3 ڪلاڪ ليٽ سان ٽيسٽ ورتي وئي. ان موقعي تي استادن غلام سرور خاصخيلي، شريف سهتو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته آءِ بي اي انتظاميه جي لاپرواهي جي ڪري ٻارڙن کي 3 ڪلاڪ تائين انتظار ڪرڻو پيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هوڏانهن سڀاڻي ( اڄ ) بنگل خان چانگ پرائمري اسڪول سميت 10 پرائمري اسڪولن جي ٻارڙن جي ٽيسٽ ورتي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button