مختصر خبرون

خيرپور: منشيات ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا

النور نيوز ايجنسي، خيرپور
خيرپور جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي جيل اماڻي ڇڏيو، ٽي ٽي لک روپيه ڏنڊ به مقرر، نه ڏيڻ تي ڏيڍ ڏيڍ سال وڌيڪ قيد ڀوڳيندا. تفصيل مطابق فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ائنٽي نارڪوٽيڪس جي اسپيشل جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت ايڪسائيز پوليس گمبٽ جي هڪ منشيات جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل حسن گل ۽ نبي گل پٺاڻ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين عمر قيد ۽ ٽي ٽي لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي کين جيل اماڻي ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ڏيڍ ڏيڍ سال قيد ڀوڳيندا. جوابدارن مٿان الزام هيو ته اهي 28 جنوري 2011ع تي اسر ڌاران سکر کان ڪراچي ڊمپر ٽرڪ نمبر 8964 جي وي ۾ 75 ڪلو هيروئن کڻي وڃي رهيا هيا ته ايڪسائيز پوليس کين رسول آباد چيڪ پوسٽ وٽ دوران چيڪنگ هيروئن هٿ اچڻ تي گرفتار ڪري انهن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڪيس جو چالان ائنٽي نارڪوٽيڪس عدالت خيرپور ۾ پيش ڪرائيو هيو. جنهن ۾ عدالت طرفان اڱاري ڏينهن تي ان ڪيس جو فيصلو ٻڌائيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button