خيرپور

خيرپور: ضلعي جون تمام هلندڙ ترقياتي ڪمن کي 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته خيرپور ضلعي جون تمام هلندڙ ترقياتي ڪمن کي 31 ڊسمبر 2013 تائين مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته ترقياتي ڪمن جي معيار جي لاءِ هڪ نگراني ٽيم جي تشڪيل ڏني وئي آهي. هن اهڙو اظهار درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.

خيرپور: ضلعي جون تمام هلندڙ ترقياتي ڪمن کي 31 ڊسمبر 2013 تائين مڪمل ڪيو وڃي
خيرپور: ضلعي جون تمام هلندڙ ترقياتي ڪمن کي 31 ڊسمبر 2013 تائين مڪمل ڪيو وڃي
هن چيو ته سکر ڊويزن جي خيرپور ضلعي سميت ٻين تمام ضلعن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪئي پئي وڃي جڏهن ته خيرپور ضلعي جي ترقياتي ڪمن جي معيار جي نگراني لاءِ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي نگراني ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا نه صرف ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪندي پر ترقياتي ڪمن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پڻ روزانو ڪمن جو معائنو ڪندي. هن چيو ته خيرپور ضلعو سنڌ جي وڏي وزير جو ضلعو آهي ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جون خاص هدايتون آهن ته ضلعي جي هلندڙ تمام ترقياتي ڪمن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ نئين توڙي هلندڙ مختلف اسڪيمن جي معيار جي بهتري لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون وڃن. ڪمشنر وڌيڪ چيو ته خيرپور ضلعي ۾ عوام جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت پاران بهترين ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون آهن جن مان عوام کي ڀرپور فائدو حاصل ٿيندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺاڻي ڪمشنر سکر کي خيرپور جي مختلف ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي جڏهن ته ورڪس اينڊ سروسز، بلڊنگ، روڊس، ايريگيشن، پبلڪ هيلٿ، تعليم، هليٿ ۽ ٻين لڳاپيل کاتن جي ضلعي آفيسرن پنهنجن لڳاپيل کاتي پاران عوام جي لاءِ ورتل ڪوششن کان پڻ ڪمشنر سکر کي آگاهي ڏني. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي ضلعي انتظاميه خيرپور ۽ لڳاپيل کاتن جي سربراهن کي ضلعي اندر هلندڙ مختلف ترقياتي اسڪيمن کي 31 ڊسمبر 2013 تائين مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ۽ ضلعي اندر هلندڙ مختلف ترقياتي اسڪيمن جو دور ڪري جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي مختلف کاتن جا ضلعي سربراهه توڙي لڳاپيل تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنرس ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button