مختصر خبرون

ھنڱورجا: صحافي جي بازيابي لاءِ صحافتي ۽ سماجي تنظيمن پاران مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
ڊکڻ جي صحافي اصغر ٿهيم ۽ ان جي ڊرائيور جي بازياب لاءِ هنڱورجا ۾ سنڌ صحافي سنگت جي سڏ تي صحافين ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن غلام حسين چانگ، مور سنڌي، عبدالسميع ڀنڀرو، رحيم سولنگي، فياض سولنگي، شمس راڄپر، منظور جهانگر، صديق سولنگي، هادي بخش خاصخيلي ، غلام عباس راڄپر، منصور شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي صحافي اڳواڻن چيو ته هڪ سازش تحت صحافين کي نشانو بڻايو پيو وڃي صحافي اصغر ٿهيم ۽ سندس ڊرائيور کي بازياب ڪرائڻ جي لاءِ پوليس انتظاميه مڪمل طور تي غير سنجيده بڻيل آهي جيڪڏهن اصغر ٿهيم ۽ ان جي ڊرائيور کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button