مورو

مورو کان حيدرآباد ويندڙ ڪار جو مسافر ڪوچ سان ٽڪر، 5 فوت

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو کان حيدرآباد ويندڙ ميمڻ برادري سان تعلق رکندڙ سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ميمڻ برداري جي معزز شخصيت الطاف ميمڻ جي ڪار جو سڪرنڊ باءِ پاس وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ سان حادثو پيش آيومسافر ڪوچ ڪار جي مٿان چڙهي وئي Moro Hadso pix (640x348)جنهن جي نيتجي ۾ ڪار مڪمل طور تي هيٺيان اچي چيڀاٽجي وئي ۽ لاش پڻ ان ڪار جي اندر دٻجي ويا لاشن کي ڪڍڻ جي لاءِ اتان جي سماجي ورڪرن، ايڌي رضاڪارن ۽ ڳوٺاڻن وڏي ڪوشش بعد لاشن کي ڪڍي سڪرنڊ اسپتال پهچايا جتي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد انهن لاشن کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ۽ هڪ چڻي دانيال ميمڻ جي حالت نازڪ هئڻ ڪري ان کي نواب شاھ اسپتال موڪليو ويو جنهن جي پڻ حالت اڃا به نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جنهن کي ڪراچي موڪليو ويندو، جڏهن ته ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا هئا جن مان پنج ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا ياد رهي ته هنن جو تعلق مورو شهر سان آهي ۽ سڀئي فوتي ميمڻ محلا موروجا رهندڙ هئا ۽ هي صبح جي وقت ڪنهن عزيز جي دعا خير گهري واپس حيدرآباد واري گهر وڃي رهيا هئا ته هنن سان حادثو پيش آيو جڏهن ته فوتين ۾ 50 سالن جو الطاف ميمڻ، سندس گهرواري روزينه ميمڻ، ضمير بيگم زال غلام شبير ميمڻ، شبانه زال هدايت الله ميمڻ، 8 سالن جي حميره ڌي هدايت الله ميمڻ شامل آهن جڏهن الطاف ميمڻ جو پٽ دانيال ميمڻ جيڪو زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهي، جڏهن ته اهڙي واقعي جي خبر پوڻ تي ميمڻ برادري سان تعلق رکندڙ ۽ انهن دوست و احباب پڻ ميمڻ محلا ۾ سندس رهائش گاھ تي سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا آهن ۽ 5 ڄڻن جي لاشن کي ايڌي ايمبولس ذريعي وارث کڻائي مورو پهتا ۽ لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ هر طرف قيامت صغران جو منظر ڏسڻ آيو.جڏهن ته هر ماڻهو جي سڏڪن اهن۽ اک آلي نظر آئي ۽ پڻ فوتين جو تڏو مورو جي ميمڻ محلا ۾ فوتين سوڳوار خاندان پاران وڇايو ويو آهي جتي مورو جا سوين شهري تڏي تي پهچي ويا آهن جتي سوڳوار خاندان سان ڏک ونڊيندي نظر اچي رهيا آهن ٻئي پاسي مورو شهر جي معزز شهرين سوڳوار خاندان جي پوئيرن سڪندر ميمڻ، فهيم ميمڻ ۽ ٻين ڏک ونڊڻ جي لاءِ تڏي تي پهچي ويا. جڏهن ته فوتين جي جنازي نماز رات دير سان پڙهڻ کان پوءِ تمام فوتين کي خليفي سائين جي مقام ۾ رات ئي سوين آلين اکين سان دفنايو ويو.مرحوم الطاف ميمڻ ڪافي عرصي تائين جيئي سنڌ قومي محاذ جو ضلعي توڙي سنڌ تي جئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي ۽ قومي تحريڪ جي جدوجهد ڪرڻ دوران ڪافي مرتبه جيل پڻ ڪاٽيو. جڏهن ته مرحوم لاطاف ميمڻ اين پي پي جي اڳواڻ ا۽ يم پي اي مسرور احمد خان جتوئي سان ويجهڙائي هئڻ ڪري اين پي پي جو سرگرم اڳواڻ پڻ هو. جڏهن ته جسقم مورو ۽ ميمڻ برداري پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button