مختصر خبرون

مورو: پوليس مان خطرو آھي، تحفظ ڏنو وڃي، ڳوٺاڻو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو جي فرسٽ سول ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ احمد نواز ڊومڪي جي عدالت ۾ هڪ ڳوٺاڻي عبدالطيف مگسي جي درخواست ڏيندي دانهيو ته پوليس جمعدار نيڪ محمد چانڊيو ۽ سپاهي عبدالعزيز مگسي جيڪو اسان جي جوابدارن کي گرفتاري ڪرڻ بجاءِ سندن تحفظ ڪري رهيو آهي ۽ اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ دڙڪا دهمان ڏئي رهيو آهي ته ڪيس تان هٿ کڻو ٻي صورت ۾ توهان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندس، اسان کي مٿين ٻنهي پوليس اهلڪارن مان جان جو خطرو آهي تنهن ڪري اسان غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو تحفظ ڪيو وڃي جنهن تي ڄاڻايل عدالت جي جج احمد نواز ڊومڪي کيس ڏوھ ۾ ٻنهي پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪرائي سندن مٿان عبدالطيف مگسي جي فرياد تي قلم 364 ۽ 220 پي پي سي تحت ناهق بند ڪرڻ جو موري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي جمعدار نيڪ محمد چانڊيو ۽ سپاهي عبدالعزيز مگسي کي نوشهروفيروز جيل اماڻي ڇڏيو، مذڪوره قلم جو داخل ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button