مختصر خبرون

مورو: بجلي چورن خلاف سيپڪو جو آپريشن

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ. مورو
مورو ۾ سپريڊنٽ انجنيئر واپڊا سيپڪو سرڪل دادو جي سخت هدايتن تي مورو سيپڪو آفيسرن جي نگراني ۾ مورو شهر جي مختلف هنڌن تي بجلي چورن ڪنڊا ڪلچر ۽ باقيدارن خلاف سخت آپريشن ڪري 300 کان مٿي غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارون لاهي واپڊا آفيس ۾ آفيسرن جي سامهون ساڙيون ويون، هوڏانهن بجلي چورن جا نالا مورو ٿاڻي تي ڏئي انهن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ لايٽر جاري ڪيو ويو جنهن جي ڪري بجلي چورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ پاڻ بچائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن، بجلي چوري کان پاسو ڪيو وڃي ۽ واپڊا سيپڪو جون بقايائون جمع ڪرائي ميٽر وٺي قانون مطابق بجلي استعمال ڪن ٿا ايس اي سيپڪو محمد خان سوهُو. طبر تفصيل موجب:- سپريڊنٽ انجنيئر واپڊا سيپڪو سرڪل دادو محمد خان سوهُو جي سخت هدايتن تي واپڊا سيپڪو ڊويزن مورو جي انجنيئر سيپڪو عملي ۽ پوليس سان گڏجي مورو شهر جي درس روڊ روڊ چوهاڻ ڪالوني سچل ڪالوني، ريلوي ڪالوني، الفقارءَ ڪالوني، دستگير ڪالوني ۽ ٻين هنڌن تي اوچتو آپريشن ڪري 300 کان مٿي لڳل غير قانوني بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽيا ۽ بجلي چورن باقيدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي انهن جا نالا مورو ٿاڻي موڪليا جنهن ڪري بجلي چورن ۽ باقيدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ پاڻ کي ڪيسن کان بچائڻ جي لاءِ بااثر ماڻهن جي جي بنگلن تي پهچي ويا آهن ٻئي پاسي سپريڊنٽ انجنيئر سرڪل دادو محمد خان سوهُو مورو ميڊيا جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان بجلي چورن، ڪُنڊا ڪلچر ۽ باقيدارن کي چتاءُ ڏيون ٿا ته بجلي چوري کان پاسو ڪن ۽ سرڪاري بجلي جون بقايائون جمع ڪرايون وڃن ۽ واپڊا جا ميٽر وٺي بجلي استعمال ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف سخت قدم کنيو ويندو ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button