آرٽيڪل

مادر علمي سنڌ يونيورسٽي

غلام شبير بلوچ

 غلام شبير بلوچ
غلام شبير بلوچ
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جيڪا مسلسل ڪنهن نه ڪنهن سياست جي ور چڙهيل هوندي آهي ڪڏهن ڪنهن سياسي تنظيم جي ور چڙهيل هوندي آهي ته وري ڪڏهن يونيورسٽي جي استادن ۽ ملازمن تنظيمن جي سياست جو مرڪز آخر سنڌ يونيورسٽي سان ئي ايتري ويڌن ڇا جي لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ شاگرد جيڪي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جا خواهشمند آهن. اهي ئي شاگرد يونيورسٽي پاران لسٽن ۾ ڪيل تبديلين جي ڪري پريشان لڳا پيا آهن سنڌ يونيورسٽي پاران منعقد ڪرايل انٽري ٽيسٽ جي لڳل ميرٽ لسٽ کي هينئر تائين ٽي ڀيرا مٽايو ويو آهي آخر لسٽ کي ٽي ڀيرا مٽائڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي جو انتظاميا شاگردن جي مستقبل سان پئي کيڏي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي پاران تبديل ڪيل لسٽن انٽري ٽيسٽ کي ئي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي پنهنجن من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ غريب شاگرد جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي ڪجهه ٽائيم اڳ يونيورسٽي کي آئي ايس او سرٽيفائيڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ آئي ايس او جي هڪ ٽيم پڻ سنڌ يونيورسٽي جو دورو ڪيو هو جيڪڏهن يونيورسٽي پنهنجي هڪ لسٽ ئي نٿي سنڀالي سگهي ته اها آئي ايس او سرٽيفائيڊ ڪيئن ٿي سگهي ٿي منهنجو اهو مطلب بلڪل ناهي ته يونيورسٽي کي آئي ايس آو سرٽيفائيڊ نه ڪيو وڃي پر هڪ ذميواري ته پنهنجي صحيح طريقي سان نڀائي وڃي روز روز لسٽن جي تبديلي سان شاگردن توڙي انهن جي مائٽن جو سنڌ يونيورسٽي انتظاميا مٿان ڀروسو ختم ٿي ويو آهي. جيئن بيچلر ڊگري پروگرام جي ميرٽ لسٽ مٽائي وئي آهي بلڪل ائين ئي ماسٽرس ۽ ايم فل جي شاگرن جا به اٽري ٽيسٽ جا نتيجا مٽايا ويا هئا ان ۾ به پنهنجن من پسن ماڻهن کي پاس ڪيو ويو ان جو ثبوت اهو آهي ته هڪ نهايت ئي هوشيار ڇوڪرو جيڪو اڳواٽ ئي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم فل ڪري رهيو آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ ۾ ان سٺيون مارڪون کنيون ۽ ڪلاس به اٽينڊ ڪري رهيو هو انهي ئي شاگرد سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽيسٽ ڏني ته ان کي ٽيسٽ ۾ گهٽ مارڪون ڏنيون ويو ۽ جيڪي يونيورسٽي جا ملازم ايم فل جي ٽيسٽ ڏئي رهيا هئا انهن کي به شاگرد چڳي ريت سڃاڻن ٿا ۽ انهن جي قابليت مان واقف آهن انهن کي 250 کان به مٿي مارڪون ڏنيون ويون جيڪي انهن لاءِ کڻڻ ايترو آسان نه هو جيتري آساني سان انهن کنيون آهن ڇا ڪاڻ ته انهن جو ڪاپيون ٽيسٽ جي فورن پوءِ مٽايون ويون. آخر يونيورسٽي انتظاميا اها ٻه اکيائي ڇو ڪري رهي آهي انتظاميا کي ته سڀني کي هڪ اک سان ڏسڻ گهرجي. يونيورسٽي پاران ڪيل لسٽ ۾ ٽي ڀيرا تبديلي کي ڊائريڪٽر ايڊميشن سنڌ يونيورسٽي اختر ميمڻ ۽ پي آر او جي ڏنل بيانن پڻ ان رزلٽ کي شڪي ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر ايڊميشن جي چوڻ مطابق ته لسٽ ۾ غلطي ٿي وئي هئي جنهن کي وائيس چانسلر پاران فني ڪميٽي جوڙي صحيح ڪري ٻيهر لسٽ جوڙي وئي آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته اهڙي قسم جي ڄاڻ اڳواٽ ڇو نه ڏني وئي ان غلطي بابت شاگردن کي ميڊيا ذريعي اڳواٽ ڇو نه ٻڌايو ويو؟ ڇا اها غلطي مسلسل ٽي ڀيرا ٿيندي رهي، هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي پي آر او پاران ڏنل بيان موجب ته يونيورسٽي جي ويب سائيٽ ۾ وائرس اچي وڃڻ سبب انٽري ٽيسٽ ۾ غلطي ٿي وئي هئي. جيڪڏهن پي آر او صاحب جي ڳالهه کي به صحيح مڃون ته وائرس رڳو انٽري ٽيسٽ جي ميرٽ لسٽ ۾ ئي ڇو آيو ويب سائيٽ ۾ ته ٻيو به ڪيترو ئي مواد رکيو هوندو آهي وائرس ٻين سڀني شين کي ڇڏي وڃي انٽري ٽيسٽ جي لسٽ کي لڳو شايد وائرس جو به ڪو پلاند رهيل هو شاگردن سان . يونيورسٽي پاران ڏنل ٻن مختلف قسمن جي بيانن جي ڪري ٽيسٽ جي رزلٽ شڪي ته ٿي ئي وئي آهي پر سنڌ جي ڏورانهن علائقن مان ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڻ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته يونيورسٽي پاران پهرين ميرٽ لسٽ ۾ شاگرد جو نالو هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ هو وري ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ساڳي لسٽ کي مٽايو ويو ٻي لسٽ ۾ وري انهي شاگرد جو نالو ڪنهن ٻي ڊپارٽمينٽ ۾ لکيل هو هاڻ وري جڏهن ٽئين لسٽ کي به مٽايو اٿن ته وري شاگردن جو نالو ڪنهن ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ لکيل آهي. يونيورسٽي پاران داخلا جي فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ به 29 نومبر مقرر ڪيل آهي جيڪا ٻن ڏينهن کان پوءِ آهي جيڪڏهن شاگرد فيس جمع ڪرائن ٿا تڏهن به مسئلو جيڪڏهن نٿا ڪرائن تڌهن به مسئلو آخر شاگرد وڃن ته ڪيڏانهن وڃن ۽ ڪنهن کي دانهن ڏين شاگردن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي آخر ڪنهن جي چوڻ تي روز روز لسٽون مٽائي رهي آهي ۽ ڇو مٽائي رهي آهي ايئن ڪرڻ سان انتظاميا يونيورسٽي کي ڪهڙي پاسي کڻي پئي وڃي ان سان يونيورسٽي جي ساک متاثر ٿي رهي آهي اڳ ۾ ئي ڪافي مسئلن جي ڪري يونيورسٽي جي ساک کي خراب ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي جي اهڙن غيرقانوني کنيل قدم جي جانچ ڪرائي وڃي ۽ وزير اعليٰ سنڌ ، تعليم جو صوبائي وزير، ليکک ۽ سنڌ ڌرتي جا اڳواڻ ان ڳالهه جو نوٽس وٺن ۽ يونيورسٽي انتظاميا کان ان تبديلن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪن ۽ ان تبديل ڪيل لسٽن جي جانچ ڪرائين ته آخر ايئن ڇو پيو ڪيو وڃي جيڪڏهن نه ته ايندڙ سال شاگرد سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچيندا ته سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺجي يا نه.
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button